21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ لاءِ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا

Badin: Protest against water shortage, Police stick chargeاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ ضابطا جاري ڇڏيا آهن، جنهن موجب پاڪ فوج ۽ عدليا خلاف بيان بازي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل جاري ڪيل ضابطا 61 نڪتن تي ٻڌل آهن، جنهن تحت صدر، وزيراعظم، گورنر، ايم اين ايز توڙي ايم پي ايز تڪ جو دورو نه ڪري سگهندا. اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي به تڪن ۾ دوري تي پابندي رهندي، ان سان گڏوگڏ وڏن وزيرن سميت ٻيا وزير به چونڊ تڪ جو دورو نه ڪري سگهندا. ضابطن ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني نمائندن تي به چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي مڪمل پابندي هوندي ۽ چونڊ مهم پولنگ واري ڏينهن کان 48 ڪلاڪ اڳ ۾ ختم ٿي ويندي. اهو به چيو ويو آهي ته پاڪ فوج ۽ اعليٰ عدليا خلاف بيان بازي تي پابندي هوندي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي تي مانيٽرنگ ٽيمون ڪارروائي ڪري سگهنديون. ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي پابند ڪيو ويو آهي ته چونڊ خرچ مقرر حد کان وڌيڪ نه ٿيڻ گهرجن، چونڊ مهم ۾ مشهوري بئنر مقرر سائز کان وڏا نه هجن، چونڊ ريلي لاءِ ضلعي انتظاميا کان اجازت وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪار ريلي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. سياسي پارٽين لاءِ تيار ڪيل ضابطن موجب مذهب، نسل ۽ ذات جي بنياد تي چونڊن جي مخالفت نه ڪري سگهبي، جڏهن ته سياسي پارٽيون ڪنهن به اهڙي رسمي يا غير رستي معاهدي جو حصو نه بڻجنديون، جنهن ۾ عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے