21 جمعو , سيپٽمبر 2018

وقار يونس جي جاءِ تي اسٽيفن فليمنگ بنگال ٽائيگرز جو هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي فرنچائز بنگال ٽائيگرز وقار يونس جي جاءِ تي اسٽيفن فليمنگ کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. بنگال ٽائيگرز جي منٽور انيس ساجن پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پهرين سيزن ۾ وقار يونس 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ اِن پُٽ ڏني پر هاڻ محسوس ڪيوسين ته اسان کي هڪ غير ايشيائي ڪوچ جي ضرورت آهي، ان سان ئي ٽيم جي رانديگرن، خاص طور ايشين رانديگرن ۾ هڪ الڳ تاثر قائم ٿيندو. اسٽيفن فليمنگ ان آڇ جي جواب ۾ چيو ته بنگال ٽائيگرز جي ڪوچنگ ڪندي خوشي محسوس ٿيندي، ايندڙ ايونٽ ۾ ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ بي چين آهيان. واضح رهي ته ٽي ٽين ليگ جو ٻيو ايڊيشن 23 نومبر کان 2 ڊسمبر تائين دبئي ۾ شيڊيول آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے