25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

فيصل واوڊا جو عامر لياقت کي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو چيلينج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فيصل واوڊا تحريڪ انصاف ئي جي ايم اين اي عامر لياقت کي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو چيلينج ڪيو آهي. عامر لياقت ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جي قيادت ۾ تلخيون وڌي رهيون آهن. گذريل ڏينهن عامر لياقت حسين طرفان سنڌ جي گورنر جي حلف برداري واري تقريب ۾ نه گهرائڻ تي تحريڪ انصاف جي صوبائي قيادت تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ وري اڄ تحريڪ انصاف سنڌ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو واٽس ايپ گروپ به احتجاجن ڇڏي ڏنو هو. عامر لياقت جي بيان تي رد عمل ڏيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته عامر لياقت جي ڳالهين سان سڀني کي ڏک رسيو آهي. هن عامر لياقت جي 15 اسيمبلي ميمبر گڏ هئڻ واري دعويٰ کي غلط قرار ڏيندي چيو ته عامر لياقت پي ٽي آءِ جو هڪ به ايم اين اي پاڻ سان گڏايو ته هن کي مڃندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے