22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڄامشورو: سيوا ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِ ٻي ڏينهن به احتجاج

Jamshoro: Another day protest to solve the problems by the Suva employeeڄامشوري ۾ سيوا ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِ ٻي ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو.

سنڌ يونيورسٽي ملازم تنظيم جي صدر غلام نبي ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪري يونيورسٽي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازمن الزام هنيو ته انتظاميه يونيورسٽي کي تباهه ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، مادرِ علمي جي زمين تي قبضا ڪرايا ويا آهن.

هنن چيو ته بجيٽ ۾ وڌايل پگهارون کين نه پيون ڏنيون وڃن، ۽ ان سان گڏ لکت ۾ ڏنل مسئلا به حل نٿا ڪيا وڃن.

سندن چوڻ هو ته مسئلن جي حل لاءِ 5 سيپٽمبر کان ڌرڻن ۽ بک هڙتال شروع ڪئي ويندي، احتجاجي تحريڪ ۾پورهيتن کي به شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.

ملازمن يونيورسٽي انتظاميه کي چتاءُ ڏنو ته مسئلن جي حل تائين احتجاج تحريڪ جاري رهندي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے