24 سومر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف العزيزه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتساب عدالت نمبر ٽو جي جج ملڪ ارشد نواز شريف جي خلاف ٻن ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزير اعظم کي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان احتساب عدالت آندو ويو جڏهن ته نيب جو شاهد واجد ضيا به عدالت ۾ موجود هو. عدالت ۾ ٻڌڻي جي آغاز تي نواز شريف جي وڪيل جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضيا کي چيو ته نيٽ پرافٽ جو سوال آهي جيڪا هن کي خبر آهي ٻڌائي ڇڏي. شاهد واجد ضياءَ جواب ڏنو ته سوال اڻ لاڳاپيل آهي جنهن تي خواجا حارث چيو ته مون وٽ اختيار آهي ته ڪيش فلو بابت سوال پڇان. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته توهان هر ٻن منٽن بعد وچ ۾ نه ڳالهايو جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جتي ضرورت هوندي اتي آئون ڳالهائيندس. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته جن سوالن جو ڪيس سان تعلق ناهي اُهو سوال توهان نه ڪيو. احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ خواجا حارث سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان هڪ سوال هر هر ڪري رهيا آهيو. نواز شريف جي وڪيل چيو ته جيڪو سوال ڪري رهيو اهيان جيڪڏهن اڻ لاڳاپيل آهي ته بعد ۾ ڪڍي ڇڏيو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته مون کي فرد جرم پڙهڻ ڏيو فرديادي جو ڪيس سمجهه ۾ اچي ويندو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته پروسيڊنگ فرد جرم جي روشني ۾ اڳتي وڌندي آهي، فرد جرم کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون. واجد ضيا چيو ته جي آءِ ٽي ۾ ڪيش فلو جو معاملو بحث هيٺ آيو، مون کي ڪيش فلو جو مطلب سمجهه ۾ اچي ويو هو، جي آءِ ٽي ميمبر عامر عزيز اسنا کي ڪيش فل بابت سمجهايو. معزز جج محمد ارشد ملڪ ريمارڪس ڏنا ته سادا لفظ استعمال ڪيو جيئن مون کي به سمجهه ۾ اچي. خواجا حارث سوال ڪيو ته توهان وٽ هل ميٽل جي آپريشن، حاصل ڪيش بابت مواد آهي جنهن تي جي آءِ ٽي سربراهه جواب ڏنو ته ان بابت ڪو به اعتماد جوڳو دستاويز ناهي مليو. هن ٻڌايو ته جنوري کان جولاءِ  2011 جو ڪيش فلو هڪ سورس دستاويز جي ذريعي مليو، دليل دوران نيب پراسيڪيوٽر جي مداخلت تي خواجا حارث سيٽ تي ويهي رهيو. واجد ضيا چيو ته جيڪو اڪائونٽ مون تيار ئي ناهي ڪيو ان جو جواب ڪيئن ڏيان؟ اِها جي آءِ ٽي جي پروڊڪٽ ناهي.  نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جرح ڇا 100  صفحن تي ڪئي پئي وڃي؟ جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته اڃان ته 100 صفحا به ناهن ٿيا. بعد ۾ احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ رينفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ لڳي ته سڄي قوم دشمن جي آڏو اڻ ٽٽ ڀِت بڻجي بيهندي: رضا رباني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے