22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بلوچستان جي وڏي وزير طرفان عارف علوي جي حمايت جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ عارف علوي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڄام ڪمال چيو ته منهنجي پارٽي صدارتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار عارف علوي کي ووٽ ڏيندي، اسان تحريڪ انصاف سان خوشگوار ماحول ۾ حڪومت سازي جو مرحلو شروع ڪيو هو، مرڪز ۾ اسان جي پارٽي تحريڪ انصاف کي سپورٽ ڪيو ۽ صوبي ۾ تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي کي، اسان سندن ٿورائتا آهيون. صدارتي اميدوار عارف علوي چيو ته اسان حمايت ڪرڻ تي ڄام ڪمال ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جا ٿورائتا آهيون، بلوچستان جون حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ بي اي پي سان گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بلوچستان کي حصو گهرڻ جي ضرورت نه پوندي، حالتون اهڙيون هونديون جو وفاق بلوچستان ۾ حصو وجهندو. ان موقعي تي وفاقي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان سان واسطو رکندڙ سينيٽر احمد خان خلجي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے