22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

صدارتي اميدوار فضل الرحمان جي ف ليگ ۽ متحدا اڳواڻن سان ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان صدارتي چونڊ ۾ حمايت لاءِ فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. مخالف پارٽين جي صدارتي اميدوار فضل الرحمان ف ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي سان ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊن ۾ حمايت لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ف ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس اڳيان رکنداسين. ف ليگ سربراهه چيو ته ڪنگري هائوس اسان جي اميدن جو گهر آهي، هتي ان اميد سان آياسين ته دعائون ۽ حمايت ملي. سندس چوڻ هو ته گڏيل اپوزيشن مون کي صدارتي اميدوار بڻايو آهي ۽ هتان مطمئن ٿي وڃي رهيو آهيان. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادرآباد ۾ متحدا قيادت سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عامر خان، ڪنور نويد جميل، وسيم اختر ۽ فيصل سبزواري شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے