19 اربع , سيپٽمبر 2018

غير قانوني پارڪنگ ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو: واٽر ڪميشن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) واٽر ڪميشڻ جي سربراهه غير قانوني پارڪنگ کي شهر جي تباهي جو ذميواري قرار ڏئي ڇڏيو. پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي صورتحال تي قائم واٽر ڪميشن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم گلشن اقبال ۾ قائم سپر اسٽور کي هڪ مهيني ۾ لياري ندي تان پارڪنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اڳتي لاءِ جيڪڏهن ندي تي پارڪنگ ٿي ته ڪراچي چيف ذميوار هوندو. ڪميشن غير قانوني عمارتون ۽ قبضا ختم ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي ڊي جي ايس بي سي اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته ايس ايڇ او ٿاڻي ايس بي سي اي کي به هٽائڻ جو حڪم جاري ڪي ڇڏيو. جسٽس (ر) امير هاني مسلم چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بيسمنٽ ۾ گودام ۽ دڪان ڪيرايا، شهر جي وچ ۾ وڏا اسٽور بڻائڻ سان تباهي ٿيندي، دنيا ۾ سمورا وڏا اسٽور شهر جي پاسي ۾ هوندا آهن، غير قانوني پارڪنگ سبب شهر تباهه ٿي چڪو آهي، شهر جي تباهي جو ذميوار ايس بي سي اي آهي.  ايس بي سي اي جي ڊي جي افتخار قائمخاني بي وسي جو اظهار ڪندي چيو ته ايس بي سي اي جو ٿاڻو اسان جي نٿو ٻڌي، آئون پنهنجو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي زوري عهدي تي ويهڻ جي ضرورت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

A suspect was arrested from Karachi's Karachi area of Karachi

ڪراچي: رينجرز جون مختلف علائقن ڪارروايون، 5 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 5 ڏوهارين کي گرفتار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے