25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

وڏي وزير جو صحت کاتي ۾ خالي پيل سموريون جايون ڀرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي ۾ خالي پيل سموريون جايون ڀرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ صحت کاتي بابت اهم اجلاس سي ايم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ صحت بابت وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري ميجر (ر) اعظم سليمان، پي اينڊ ڊي چيئرمين محمد وسيم، صحت بابت سيڪريٽري ڊاڪٽر عثمان چاچڙ، ناڻي بابت سيڪريٽري نور عالم ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته صحت کاتي ۾ 5 هزار 307 مختلف جايون خالي آهن، جنهن تي سيد مراد علي شاهه سموريون جايون ڀرڻ جو حڪم ڏنو. سندس چوڻ هو ته اسان جي ڪوششن عيوض سنڌ اندر صحت شعبي ۾ بهتري آئي آهي، چاهيان ٿو ته ان کي وڌيڪ مثالي بڻايان.  هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڊاڪٽر، نرسون، مڊ وائيفز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سٺو ڪم ڪري ته طبي تعليمي ادارن کي عالمي معيار موجب ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته معاشري جي مجموعي ترقي لاءِ صحت جي شعبي جي ترقي وڏي اهميت رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو پ پ حڪومت صوبي ۾ عوام کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ طبي ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے