20 خميس , سيپٽمبر 2018

شاهه محمود قريشي جو ڊچ هم منصب سان رابطو، گستاخ مواد جي معاملي تي خدشن جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هالينڊ جي پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري گستاخ مواد ۽ مذهبي نفرت انگريزي بابت مقابلي جي اعلان تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گستاخ مواد جي معاملي تي هالينڊ ۾ پنهنجي هم منصب سان رابطو ڪيو. ڊاڪٽر فيصل موجب شاهه محمود قريشي ڊچ سياستدان گريٽ ولڊرز طرفان نفرت جوڳي ۽ مقدس هستين جي توهين ڪرڻ واري مقابلي جي اعلان تي سخت خدشن جو اظهار به ڪيو. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته هالينڊ جي پرڏيهي وزير موقف اختيار ڪيو ته ان مقابلي سان اسان جي حڪومت جو ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي اسان ان مقابلي جي حمايت ڪري رهيا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے