23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت جي فوتگي خلاف احتجاج ڳالهين بعد ختم

Hyderabad: Protest against violence against women due to doctors' negligence*حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت جي فوتگي معاملي خلاف هنيل ڌرڻو ڳالهين بعد ختم ٿي ويو.

سول اسپتال جي گائني وارڊ ۾ ڊاڪٽرن جي مبينه غفلت سبب شهزادي چانڊيو جي  فوتگي خلاف هنيل 5 ڪلاڪن جو ڌرڻو ڳالهين ذريعي ختم ڪيو ويو.

ڊي ايس پي ايوب دراني ۽ ايم سول اسپتال ايوب وڌو مظاهرين سان ڳالهيون ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، جنهن بعد فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته پوسٽ مارٽم بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته ڊي جي هيلٿ پاران جوڙيل 3 رڪني بورڊ ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندو.

رپورٽ اچڻ بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے