21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀرياسٽي: معمولي ڳالهه تان جوابدارن جو عورت تي سخت تشدد، ڪن ڪٽي ڇڏيو

Bharya city: Generally speaking on the woman of the respondents, harsh violence, sacked the woman*ڀرياسٽي ڀرسان معمولي ڳالهه تان جوابدارن عورت کي تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪري وڌو آهي.

ريتي پاڙي ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جوابدارن پرڻيل عورت شيرين کي ڪمري ۾ بند ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو، تيز ڌار ڪينچي سان عورت جا ڪن ڪپي سونيون واليون لاٿيون.

تشدد بعد عورت بيهوشي ٿي وئي، جنهن بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو.

زخمي عورت جو چوڻ هو ته ٻارڙن جي جيهڙي تي دانهن ڏيڻ وئي ته لهراڻي برادري جي ماڻهن ڪمري ۾ بند ڪري ڪپڙا ڦاڙي ۽ ڪن ڪپي سونيون واليون لاٿيون ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي.

زخمي عورت جي نوجوان پٽ عامر جو چوڻ هو ته لهراڻي برادري جي ٻارڙن سان سندن ٻارن جو جيهڙو ٿيو، جنهن تان سندس امڙ دانهن کڻي وئي ته لهراڻي برادري جي منصور، لالو ۽ راشد سميت 5 ڄڻن سندس ماءُ کي تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪيو.

هن چيو ته واقعي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، پر اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو.

هن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے