22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: پنو عاقل: ڪچي ۾جهيڙي دوران زخمي ٿيل پورهيت سکر اسپتال  جي اسپتال ۾ فوت

Pano Aqil: Worker died at hospital in sukkur involved in fight on small dispute*پني عاقل جي ڪچي ۾جهيڙي دوران زخمي ٿيل پورهيت سکر اسپتال ۾زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڌريون مورچا بند ٿيل آهن.

رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾مھر برادري جي پراڻي تڪرار تان ھلندڙ جھيڙي ۾ زخمي ٿيل ديدار ولد ملنگ مھر سکر سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو.

مقتول جو مڙھه پني عاقل جي ڪچي واري ڳوٺ بکو مھر پھتو ته سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ڪچي واري علائقي ۾ جهيڙي بعد ڌريون مورچا بند بڻيل آھن آهن.

چيو پيو وڃي ته جوابدار زاھد جنگو مھر ۽ ديدار مھر ۾چوپائي مال تان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، گذريل سال ديدار جو والد عبدالخالق عرف ملنگ مھر به مارجي ويو ھو.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته ھو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ٻنڊو ٻيلو ۾ ويل آھن.

ٻئي طرف مقتول جي ڀاءُ غلام حسين مھر رضا ڳوٺ ٿاڻي تي واقعي جو اطلاع ڏنو آھي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

IndianArmyChief, IslamkotAccident, kotriJournalistHashimShoroDied

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*ڀارتي آرمي چيف جي ڌمڪين کانپوءِ پاڪستاني سياستدان به ميدان تي اچي ويا *سيد ممتاز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے