23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مٺي: ٿر جي سمورن علائقن ۾ وسڪارو نه ٿيڻ سبب ڏڪار ڪر کنيو، پاهر جي اپيل

Mithi: Due to not raining, area suffered huge drought, Demand for help*مٺي سميت ٿر جي سمورن علائقن وسڪارو نه ٿيڻ سبب ڏڪار ڪر کنيو آهي جنهن ڪري مسڪين ماروئڙ سخت اذيت واري زندگي گهاري رهيا آهن.

برساتون  نه پوڻ ڪري چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي جنهن ڪري مسڪين ماڻهن پنهنجا اباڻا اجها خالي ڪري لڏ پلان ڪري رهيا آهن .

ٿر جي ستن ئي تعلقن مٺي،ننگرپارڪر، ڇاڇرو ، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڪلوئي ۽  ڏاهلي جي ڳوٺن ۾ برساتون نه پوڻ ڪري گاھ ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب چوپايو مال بک مري رهيو آهي.

پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري کوھ به سڪي ويا آهن جنهن ڪري پيئن جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي .

ٻئي طرف جهنگلي جيوت ۽ پکي پڻ تڙپندي نظر اچن ٿا، ٿر جي سونهن ڪوٺجندڙ مور پکي مرڻ جو پڻ سسلسلو شروع ٿي ويو آهي .

سنڌ جو  اربين ورهيه آڳاٽو تاريخي ڪارونجهر جبل تي گاهه ۽ وليون سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن جنهن ڪري ڌنارن جون هنبوشون ۽ هوڪرا ٻڌڻ ۾ نٿا اچن ۽ نه ڪارونجهر جي چوٽين تي پکين جو ٻوليون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون.

سنڌ  جي ساڃاهه وند ڌرين سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته هن مصبت جي گهڙي ۾ مسڪين ٿرين جي واهر ڪئي وڃي …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے