25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: صادق آباد کان آيل ڄڃ  تي هٿياربندن  جو حملو ، گهوٽ سميت ڪيترائي ڄاڃي زخمي

Sukkur: Attack by robbers on the wedding ceremony, many people injured*سکر ۾ صادق آباد کان آيل ڄڃ  تي هٿياربندن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

صادق آباد کان آيل  ڄڃ  جيئن ئي ٿرمل ڪالوني ۾  پهتي تھ هٿياربندن مٿن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ گاڏين جا شيشا ڀڄي پيا ۽ گهوٽ صابر حسين ميراڻي سميت ڪيترائي ڄاڃي پڻ زخمي ٿي پيا آهن.

ڄڃ جيئن ئي ٿرمل ڪالوني پهتي تھ گهوٽيتن تي  سندن مائٽن سروٽن ، لٺين، مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو  جنهن کان پوءِ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.

هوڏاهن  ڄاڃين واقعي خلاف احٽجاجي مظاهرو پڻ ڪيو، پوليس جي خاطري بعد ڄاڃين احٽجاج ختم ڪيو.

ا ن موقعي تي گھوٽ  ٻڌايو تھ هو  صادق آباد کان ڄڃ وٺي  جيئن ئي پندال ۾ پهتا تھ  ته شادي ۾ آيل  برادري جي ماڻھن بلاجواز  مٿن حملو ڪيو جنھن ۾ هنن  جا ڪيترا ئي ماڻھو عورتون  ۽ ٻار پڻ زخمي ٿيا آھن.

 ھن چيو ته مائٽن سان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو جنھن جو فيصلو پڻ ٿي چڪو آھي ان باوجود هنن ڄڃ مٿان حملو ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

LiaqatAli, Khairpur

نيوز | خيرپور: ضلعي ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي حاضري وڌائڻ لاءِ مهم هلايون پيا: لياقت علي

 خيرپور ضلعي پرائمري بابت ايجوڪيشن آفيسر  لياقت علي خاصخيلي چيو ته  هو خيرپور ۾ ٻارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے