25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

1965واري جنگ ۾ ڀارت هٿان قيد ڪيل پاڪستاني سپاهي مقبول حسين لاڏاڻو ڪري ويو

In the 1965 war, the Pakistani soldier, was arrested by the Pakistani soldier, Hussain  راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)1965ع واري ويڙهه دوران ڀارت پاران قيد ڪيل پاڪ فوج جو سپاهي مقبول حسين لاڏاڻو ڪري ويو آهي.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق سپاهي مقبول حسين سي ايم ايڇ اٽڪ ۾ لاڏاڻو ڪيو. بهادر سپاهي مقبول حسين کي 1965ع واري ويڙهه دوران ڀارت جنگي قيدي بڻايو، سپاهي مقبول حسين 40 سال ڀارتي جيلن قيد رهيو.پاڪ فوج جي ترجمان مطابق سپاهي مقبول حسين کي 2005ع ۾ ڀارتي قيد کان آزادي ملي ۽ هو پاڪستان آيو.آءِ ايس پي آر مطابق سپاهي مقبول حسين کي اڄ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سپاهي مقبول جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے