25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي فوج جي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٻه ڪشميري شهيد

The Indian Army's ongoing continuing, more two Kashmiri martyrs سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي دهشتگردي جاري آهي، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن مطابق ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي علائقي منورد ۾ سرچ آپريشن دوران ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. شهيد ٿيلن جي سڃاڻپ الطاف ۽ عمر رشيد طور ٿي آهي.والاريل ڪشمير ان ئي علائقي ۾ هڪ گهر کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو، ڀارتي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي نوجوانن جو تعلق حزب المجاهدين سان هو.ٻئي پاسي ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي حمايت ڪرڻ جي الزام هيٺ ڄمون جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ فيروز احمد لون ۽ اسحاق پالا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے