21 جمعو , سيپٽمبر 2018

خاور مانيڪا تڪرار: وزيراعظم پاران معاملي کان لا تعلق رهڻ جو فيصلو

Khor Maneka Taqar: The decision to stay in line with the matter by the Prime Ministerلاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان کي خاور مانيڪا ۽ ڊي پي او رضوان گوندل جي وچ ۾ تڪرار جي حوالي سان پنجاب حڪومت جي شروعاتي رپورٽ ملي وئي جنهن جي بنياد تي هن معاملي کان لاتعلق رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا جي رپورٽ موجب عمران خان کي خاور مانيڪا سان تڪرار بابت پنجاب حڪومت طرفان شروعاتي رپورٽ غيررسمي طور ملي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي پي او پاڻ کي هيرو ثابت ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو  جڏهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڊي پي او کي هٽائڻ لاءِ دٻاءُ ناهي وڌو ۽ آءِ جي پوليس غلط بياني تي ڊي پي او کي پاڻ عهدي تان هٽايو . ذريعن موجب وزيراعظم رپورٽ ملڻ بعد واقعي کي کاتي جو معاملو قرار ڏيندي معاملي کان لاتعلق رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن اهو معاملو پنجاب حڪومت پاڻ ڏسندي. ٻئي پاسي پنجاب جي سڌسماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته ڊي پي او پاڪپتڻ جي بدلي سان تحريڪ انصاف يا پنجاب حڪومت جو به تعلق ناهي سندس بدلي شهرين طرفان ڪيترن ئي شڪايتون ملڻ بعد ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے