24 سومر , سيپٽمبر 2018

هم خيال ماڻهن کي ويجهو آڻڻ لاءِ فيسبڪ جو نئون فيچر

Facebook's new feature to also close the mindsڪيلفورينا(ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيسبڪ هم خيال ماڻهن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سماجي رابطن جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ فيسبڪ اعلان ڪيو آهي ته هو جلد هڪ نئون فيچر جو واڌارو ڪرڻ وڃي رهيا آهن جيڪو سڄي دنيا کان هم خيال ماڻهن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو يعني جيڪڏهن هڪ شخص پاڪستان ۾ رهي ٿو ۽ ٻيو شخص آمريڪا ۾ پر ٻنهي ۾ ڪا به ڳالهه هڪجهڙي آهي ته فيسبڪ انهن ٻنهي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندو. نئين فيچر جي وڌاري بعد جڏهن ڪو واهپيدار ڪنهن به برانڊ يا پبلشر جي صحفي تي ڪنهن قسم جي ردعمل ڏيندو ته اتي موجود اس صفحي جي ٻين فالورن ۽ توهان ۾ جيڪا به ڳالهه هڪجهڙي هوندي اهو فيسبڪ نمايان ڪري ڇڏيندو ۽ ان شخص جو نالي هيٺان هڪ مخصوص ليبل ٺهيل هوندو(جيڪڏهن توهان ٻنهي جو تعلق هڪ ئي يونيورسٽي سان رهيو آهي يا وري توهان هڪ ئي شهر، آفيس يا ڪنهن مخصوص هنڌ سان واسطو رکو ٿا) ته اهو ان ليبل جي ذريعي نمايان ٿي ويندو . فيسبڪ پاران ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد اصل ۾ انهن ماڻهن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ آهي جن جو پاڻ ۾ ظاهري طور ڪو به تعلق ناهي هوندو ۽ نه اهي هڪ ٻئي جي فرينڊ لسٽ ۾ هوندا آهن پر انهن ۾ ڪي نه ڪي شيون يا ڳالهيون هڪجهڙيون هونديو آهن پر اهي هڪ ٻئي کان بي خبر هوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پکين جي طرح پرواز سکڻ وارو روبوٽ گلائيڊر

سان ڊياگو(ويب ڊيسڪ) پکين جي پرواز اسان لاءِ 21 صدي ۾ به هڪ مثال بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے