22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن: پورهيت  تي اڻڄاتل ماڻهن جو حملو، مرڻيگ، پورهيت کوهه ۾ اڇلائي فرار

Sann: Poor worker died mysteriously, someone killed him and threw him in water*سن ويجهو پورهيت کي اڻڄاتل ماڻهو ڏنڊن جا وار ڪري مرڻينگ ڪرڻ کان پوءِ کوهه ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا.

ڳوٺ وڏا گائينچا جي ڪچي واري علائقي ۾ پورهيت رضا محمد عرف ڪالو گبول کي  اڻڄاتل  ماڻهن ڏنڊن  سان زخمي ڪري کوهه ۾ اڇلايو.

زخمي جي رڙين تي ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهتا، ڳوٺاڻن جي پهچڻ تائين زخمي زخمن جا سور نھ سهندي فوت ٿي ويو.

ڳوٺاڻن پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو  پر پوليس پنجن ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهتي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي کوهه مان لاش ڪڍائي خادمين سنڌ فائونڊيشن جي ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايو پر اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نھ هو.

مقتول جي وارثن اسپتال ۾ ڊاڪٽر نھ هجڻ خلاف  اسپتال جي گيٽ اڳيان عبدالواحد گبول ، اسدالله گبول ، محمد حنيف گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو.

 ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  سن اسپتال ۾ ڊاڪٽر نھ هجڻ ڪري  لاش ٽي ڪلاڪ اسپتال  جي  مردھ خاني ۾ پيل رهيو.

هنن چيو تھ   ڊاڪٽر سان جڏھن فون تي رابطو ڪيو ويو ته ان ٻڌايو ته اسپتال ۾  پوسٽ مارٽم جي ڪابھ سهولت موجود ناهي.

ھنن اعلى اختيارين  کان مطالبو ڪيو ته سن اسپتال جي ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪاروائي  ڪري  اسپتال ۾ سھولتون ڏنيون وڃن.

هنن چيو تھ ڳوٺ  وڏا گائينچا جي ڪچي واري علائقي ۾ هارپي تي ورتل زرعي زمين تي سندن نوجوان  ستل هو ته کيس اڻڄاتل ماڻهن ڏنڊا هڻي کيس  قتل ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن ايس ايڇ او ڇڇر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارث ڪيس داخل ڪرائيندا ته  هو  ڪيس داخل ڪندا.

 هن چيو تھ هِن وقت تائين  وارثن ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪرايو نھ ئي  وري ڪنهن تي دشمني تحت قتل جو ڪو شڪ ڏيکاريو آهي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے