23 آچر , سيپٽمبر 2018

ايشن ڪرڪيٽ ڪونسل پاران پاڪ-ڀارت ميچ جون وڌيڪ ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

The decision to sell more tickets of Pak-India Mitch by the Action Cricket Councilلاهور(اسپورٽس نيوز) ايشن ڪرڪيٽ ڪونسل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جون وڌيڪ ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ 2018 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ 19 سپٽمبر تي دبئي ۾ شيڊول آهي جنهن جي ويب سائٽ تي موجود ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ وڪرو ٿي ويون. ڪرڪيٽ مداحن جي  دلچسي ڏسندي ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل وڌيڪ ٽڪيٽون آن لائن وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايونٽ جي ٽڪيٽن جي قيمت اڳ جيان 20 کان 720 درهم جي وچ ۾ هوندي. ياد رهي ته ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ 15 سپٽمبر کان يو اي اي ۾ شروع ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، افغانستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ايونٽ جون سموريون ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

In India, Pak-Indo-India battles again, to strive to reach the two teams final

دبئي ۾ اڄ وري پاڪ – ڀارت دنگل, ٻئي ٽيمون فائنل ۾ پهچڻ لاءِ زور آزمائينديون

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے