26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٻھارا: قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت

Buhaara: QAT leader died at hospital in karachi*سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري شاخن جي اڳوڻي سيڪريٽري کي اڻڄاتل ماڻهو هاءِ اسڪول مان کنڀي کڻي ويا آهن.

 کنڀجي ويل عيسيٰ ميمڻ جي گهرڀاتين کي شام جو ساڍي ڇهين وڳي فون آئي ته عيسي ميمڻ کي اڻڄاتل  ماڻهون  ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان  کنڀي کڻي ويا آهن.

 اهڙي خبر ٻڌڻ بعد  سندس ڀاءُ ميونسپل هاءِ اسڪول پهتو جتي چوڪيدارن کيس ٻڌايو ته ساڍي پنجين وڳي ٻه ڊبل ڪيبن گاڏيون اسڪول ۾ آيون جن تي نمبر پليٽون نه هيون.,.

هن ٻڌايو تھ  گاڏيون اسڪول جي لائبرري اڳيان  اچي بيٺيون جن مان ٻُٽون ٻڌل هٿيار بند لٿا جيڪي عيسيٰ ميمڻ کي مارڪٽ ڪندا گاڏي ۾  کڻي هليا ويا.

ياد رهي تھ عيسي ميمڻ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري شاخن جو اڳوڻو سيڪريٽري،  ڇهن ڪتابن جو مصنف، ويهن کان وڌيڪ ڪتابن جو پبلشر،  شاعر، قومي ڪارڪن، استاد  ۽ سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪيمپس جو وزيٽنگ ليڪچرار پڻ آهي. ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے