24 سومر , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف۾ فارورڊ نه پروگريسو بلاڪ آهي: فيصل جاويد

PTFI Cisco Even if Farooq is not blocked, Progressives are blocking: Faisal Javedڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد ايم اين اي عامر لياقت حسين طرفان پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ هجڻ  واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته وزارت نه ملڻ تي ڪيترائي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون رهيا آهن، پي ٽي آءِ ۾ رڳو پروگريسو بلاڪ آهي ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فيصل جاويد ٻڌايو ته ڪراچي پاڪستان جي دل آهي ۽ ووٽ عامر لياقت کي نه پر وزيراعظم عمران خان کي مليا آهن جيڪڏهن هو ڪنهن اميدوار جي جاءِ تي ٿنڀو بيهاري ها ته اهو به ڪامياب ٿي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي 2013 جي چونڊن ۾ به عمران خان جي نظريي کي ووٽ ڏنو ۽ 2018 جي چونڊن ۾ پڻ پارٽي جي هر ميمبر عمران خان جي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. فيصل جاويد چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته عامر لياقت فارورڊ بلاڪ ڇو چيو، هو رڳو معاملن کي ڊيگهه ڏيندو آهي ان حوالي سان ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ هو 24 ڪلاڪن ۾واپس رستي تي اچي ويندو. فيصل جاويد وزيراعظم عمران خان جي هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ ۽ پروٽوڪول بابت ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ٻه الڳ الڳ معاملا آهن. فيصل جاويد قوم کي پيغام ڏيندي چيو ته عوام جي ٽيڪس جو پيسو حڪومت جي استعمال لاءِ ناهي،  رڳو قوم تي خرچ ڪرڻ لاءِ آهي، اسان اڃا قوم جون دليون کٽڻيون آهن ته جيئن ماڻهو حڪمرانن تي اعتماد ڪن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ قوم جا اربين رپيا بچائي رهي آهي ۽ ايندڙ هفتي پريس ڪانفرنس ڪري ٻڌائيندس تي پهريان ڪيترو خرچ ٿيندو هو ۽ هاڻ ڪيترو ٿي رهيو آهي ته جيئن عوام کي فرق جي خبر پئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے