22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

قومن جا مقدر حڪومتون بدلائي سگهن ٿيون

حميده گهانگهرو

گذريل ڏينهن منهنجو سکر وڃڻ ٿيو، سفر هڪ ڏينهن جو هجي يا گهڻن ڏينهن جو، رستو وڏو هجي يا ننڍو، قلم جي نوڪ اک کان وڌيڪ تکي هوندي آهي، مونکان منهنجا مسئلا ته ڄڻ وسري ويا، هلندي سفر ۾ جيڪو ڪجهه مون ڏٺو اهو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ هو، ڪراچي جي مين سهراب ڳوٺ جي اسٽاپ تي ننڍڙا ٻارڙا گند مان هٿن سان ڦٿل انب، صوف ۽ ٻيو ڪجهه ڪڍي شرٽ سان اگهي کائڻ ويٺا وري هڪ ٻئي کي پيا سمجهائين ته هن جاءِ تان چڪ هڻي کاءُ هتان صحيح آهي، واهه دنيا..!

اسين ٻارن کي چوندا آهيون ته هٿ ڌوئي کائو، هٿن ۾ جراثيم هوندا آهن ۽ فروٽ ته چڱي طرح ڌوئي صاف ڪري کارائڻ لاءِ ڏيندا آهيون، مون سوچيو ڌرتي، آسمان ڪل ڪائنات سڀ هڪ آهي سج، چنڊ، تارا سڀني لاءِ هڪجهڙا آهن. ڌرتيءَ مان اُپايل سڀ شيون هر انسان لاءِ آهن، ڪنهن به اناج جي داڻي يا فروٽ تي مذهب، ٻولي، غريبي، اميري جي ڇاپ ناهي لڳل پوءِ هن دنيا جي هلندڙ گهمندڙ انسانن وٽ هيءُ فرق ڇو ٿو ٿي وڃي. پنهنجي ٻار جو ته هٿ روڪي سگهون ٿا پر هن لاچار ٻار جو ڪير به هٿ نٿو روڪي. جڏهن ته جنم ڏيڻ واري ماءُ جي ڪک ۾ پلجندڙ ٻار هر رنگ، نسل، مذهب، ذات پات اميري غريبيءَ کان پاڪ صاف هوندو آهي. دنيا ۾ اچي هو ورهائجي ٿو وڃي. ننڍن ننڍن شهرن جا ڏيک به عجيب هئا. هڪ پوڙهو ماڻهو ننڍي هوٽل جي سامهون هٿ کي سڌو ڪري ويٺو هو شايد انهيءَ اميد سان ته هوٽل وارو کيس ماني ڏئي.

ڪنهن ماڻهوءَ اچي هن جي هٿ تي 10 رپيا رکيا ته هن جي خوشيءَ جي انتها ڏسڻ وٽان هئي ۽ ٻئي آڱريون مٿي يعني آسمان ڏي اشارو ڪندي ان ماڻهوءَ کي دعائون ڏيڻ لڳو هن کي يقين هو ته هن منهنجي مدد ڪئي آهي ته کيس دعا ڪيان الله قبول ڪندو. ڇا هن پنهنجي لاءِ ڪڏهن به دعا نه گهري هوندي؟ ڇا هن ضعيف انسان جو قدرت جي کارائڻ واري قانون ۾ نالو لکيل نه هوندو، مطلب هزار ڳالهيون ذهن ۾  ته هن پوڙهي کي آخر ڪنهن مانيءَ تي پڪوڙا رکي کائڻ لاءِ ڏنا جيڪي چرين وانگر جلدي جلدي کائڻ لڳو، مون ايئن سمجهيو ته هن کي تڪڙ ڇا جي آهي. هن جي ميرن ڪپڙن، ميرن هٿن ۽ زمين تي ويٺل ڏسي ڪير ماني کسيندو. پر پوءِ ٻه ڳالهيون ذهن ۾ آيون ته هن پنهنجي پيٽ جي بک جي باهه کي اجهائڻ لاءِ تڪڙ تڪڙ گِرهه پئي کاڌا، اڃا وري کيس اهو ڊپ هو ته اڏامندڙ ڪانو، هيءَ ماني نه کسي وڃن يا وري ڪو ڪتو اچي نه کسي وڃيس. بس پهاڙ کان به مضبوط هڪ انسان جي زندگي ڪنهن کان خوفائتي آهي ڪا خبر نه آهي؟ بس صرف هڪ ئي خوف ته منهنجو پيٽ ڀرجي وڃي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته بک وگهي مري وڃي. واهه! انسان جڏهن هن دنيا ۾ اچي ٿو ته هو پهرين رڙ پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪري ٿو. هو پنهنجي وجود جو اظهار ڪري ٿو ۽ زندهه رهڻ لاءِ ڪجهه گهري ٿو.

ماءُ کيس ڇاتيءَ سان لائي ته سندس ماءُ جي جهول محفوظ آرمگاهه طور ملي ٿي. اک کلندي سندس شرم حيا ۽ تقدس جي رشتي ۾ ٻڌجي پنهنجي  جسم کي ڍڪرائي پهرين مسڪراهٽ آڻي ٿو. زندگيءَ جي ابتدا ڪيڏي نه خوبصورت ۽ خوبصيرت آهي. پر هزار تڪليفن، بي حسي جو شڪار رشتن ناتن کان وڇڙي اڪيلي سر ويرانيءَ جي زندگيءَ ۾ به هو پل ڀر لاءِ جيئڻ ٿو چاهي. ڇاڪاڻ جو هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي، انسان جي غمن کان وڌيڪ خوبصورت آهي.

مون سوچيو ته سامهون درياءُ جون من موجون مستيون جهومندڙ گجگوڙ ڪندڙ لهرون ڏسنديس ۽ درياءُ کي چونديس ته تون هر ڪنهن ويجهو ايندي پاڻ ڏي ڇڪي ويندو آهين. اهڙو پنهنجي پيٽ ۾ گم ڪري ڇڏيندو آهين جو ڳوليا نه لڀن ۽ مارو ماڻهو مايوس ٿي موٽي وڃن ۽ مان هن سفر ۾ توکي هيٺ ڏسي تنهن جي مٿان ٺهيل پل تان گذرندي چونديس ته ڏس ڪيئن مون توکي پار ڪيو. پر ان سنڌو جي به اها حالت هئي جيئن هڪ ضعيف غريب انسان جي هئي ڇا سنڌو ايترو غريب آهي جو غريب جي اکين مان وهندڙ لار وانگر ڪٿي ڪٿي ڪنهن پاڻي جي سنهڙي ڪسيءَ نما منظر هو ۽ سندس پيٽ ان بکايل ٻار وانگر واري جي دڙن سان ڀريل هو، چوندا آهن ته ”بک ۾ پيٽ سان پٿر ٻڌڻ“ اڄ سنڌو پنهنجي اڃ ۾ پيٽ کي واري سان ڀري پئي هلي. ڇا هيءَ اها سنڌو آهي جنهن جي وهڪري سان سڪايل زمينون سر سبز ٿي لکين ڪروڙين انسان جي جيئڻ جو ذريعو بڻجڻدي آهي. هيءَ اها سنڌو آهي جنهن جا گرمي دوران سڄا ڪنارا ماڻهن سان ڀريل  هوندا آهن ۽ سندس خوبصورتيءَ کي ڏسڻ وارا مداح جن جي ڪنارو ڇڏيندي دل نه چوندي آهي. سامهون بيٺل مينهون پنهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڏسن پيون ته ڪڏهن ان موجن ڀري درياءُ جي سير ۾ هو تَري اڏامندڙ ڪونجن جي قطار وانگر درياءُ جي سير ۾ وڳر ڪيون هلنديون آهن.

اڄ اهو وڳر جنهن لاءِ شاعر خوبصورت لفظ چيا آهن ته ”وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾“ پر هنن پنهنجي پرت ته نه ڇڏي پر سڪل درياءَ کي ڏسي سوچين پيون ته اسين ايترا ڳوڙها ڳاڙيون جو شل هن جو پيٽ ڀرجي. پر بي حسي جو شڪار سنڌوءَ جا وهڪرا ته سوين ميلن جي فاصلي کان سڪل آهي، سمنڊ جا پلا به مايوسيءَ جو شڪار ٿي ڊيلٽا جي ويجهو اچي وري وڃي ٿا سمنڊ جي ڇولين ۾ نهر ڏين.

اي سمنڊ جا پلا! تنهنجي سڃاڻپ ته سنڌو درياءَ آ، جيڪو اڄ سڪو پيو آ ۽ سمنڊ کان ڏور پيو واجهائي ته ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ ڪناري پنهنجي سمنڊ جي ڇولين سان ڀاڪر پائي توکي پنهنجي پيٽ ۾ آڻيندو. صدين جي تاريخ جا اهي سڀ منظر اڄ بي حسي ۽ بي وسيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن، ڪٿي ڪي ٻار پيرين اگهاڙا صرف وڏي شرٽ پاتل ۽ ٻنين ۾ پيا ڊڪون ڊوڙن پائن ڪڏهن ڀنڀو رين کي پيا پڪڙين ته ڪڏهن پٿر کڻي فصل جي چند ڪڻن کي بچائڻ لاءِ پکين کي پيا اڏارين ڇا ته هو پاڻ کي فاتح پيا سمجهن هڪ پکي کي اڏاري ڄڻ هو پنهنجي بک ۽ مفلسيءَ کي پيا بچائين، هنن جي معصوميت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

ڪلهي تي رکيل چوڪنڊو رومال سٽ ڏئي ڪنڊ مان ٻڌل ماني کي ڪڍي اڳيان رکي ٻئي ساٿيءَ کي ڏاڍي محبت ۽ رعب ۾ رڙ ڪري چيائينس ته اڙي سامهون کجي (کجور يا کارڪ) ته کڻي اچ ۽ پوءِ دنيا جهان جي تمام لذيذ کاڌن کان وڌيڪ لذت وٺي کجور سان ماني کائڻ لڳا. بس ڪجي ٿي ته اسٽاپ جي ويجهو قربانيءَ جي جانور جي اڇلايل اوجهري کي ڪي غريب مايون ڪٽي ڪٽي جڳ ۾ ڀريل پاڻيءَ سان صاف ڪري هڪ ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ ڀري رهيون هيون انسانن جي هن دنيا ۾ طبقاتي فرق ڪري ڪي انهي جانور جي صاف گوشت مان تڪا، ٻوٽيون، ڪباب، ڪورما، پلاءَ پچائي کائيندا هوندا ته ڪي وري اڇلايل اوجهري کي صاف ڪري قربانيءَ جي گوشت جي آسيس پوري ڪندا.

هيءَ دنيا ۽ خاص طور هن ملڪ ۾ خوشيون کلنديون آهن ۽ غم سقراط جي زهر جو جام سمجهي پيتا ويندا آهن،  گهر پهچندي هڪ بيوهه جنهن جو ڪو ٻار ٻچو نه هئو سندس مڙس مري چڪو هو هن جو ڪو اوهي واهي  ناهي بس جنهن کي به رحم آيو مانيءَ ڳڀو ڏيندس، ۽ کائي چپ ڪري سمهي پوندي. سندس چوڻ آهي ته جوانيءَ ۾ ڏاڍي خوبصورت هئي، مڙس شوق ۾ ساڻس شادي ڪئي، کيس ٻار پيدا ته ٿيا پر ٿوري ٿوري عرصي ۾ مري ويندا هئا انهيءَ ڪري مڙس ٻي شادي ڪئي ۽ انهيءَ مان کيس اولاد گنج آهي سڀني کي ٻچا سمجهي پاليم پر وڏي ٿيڻ کانپوءِ ويڳي ماءُ سمجهي ڪير به نه ليکي. پر ڇا ڪَنِ هو پاڻ غريب آهن پنهنجا ٻچا ئي مشڪل سان ٿا پالين.

پوڙهي عورت جنهن جي چهري تي اڳ ئي غربت ۽ عمر جا گهنج موجود هئا هوءَ پنهنجي چهري تي ڪاوڙ جو گهنج نه پئي آڻي سگهي ڇاڪاڻ جو اکين جي اندر گهنج ناهن پوندا ۽ سندس چمڪندڙ اکين ۾ وري به مامتا هئي ۽ چئي پئي امڙ جيئن شال پنهنجي ٻچڙن سان! پهاڙ کان به وڌيڪ هن عورت جو حوصلو هماليه کي به شرمندو پيو ڪري.

پر هن سماج ۾ جن کي شرمندو هئڻ گهرجي جن جي ذميواري آهي انهن سڀني انسانن جي بکن فاقن کي ختم ڪرڻ جي تن کي زمين جي ٽڪرن ڪرڻ جا ته وڏا اشوق آهن نون نون نالن ۾ ملڪن جا علائقن جا نالا رکيا وڃن ٿا. آئين قانون جوڙيا ٿا وڃن. تحفظ ۽ اختيارن جون ڳالهيون به ٿين ٿيون. پر هن طبقاتي نظام جو شڪار استحصال جو نشانو بڻجندڙ غربت جي لڪير کان به هيٺ غريب انسان پنهنجي مقدر جي جنگ وڙهندي وڙهندي ڪڏهن پاڪستان ته ڪڏهن نئين پاڪستان جي نعرن سان دل وندرائين ٿا. ڇا واقعي نئون پاڪستان هن قوم جي مقدر سان ڪا مذاق نه ڪندو؟ پنهنجي پيرن ڀر بيهاري مانائتي زندگيءَ جي قابل بڻائيندو.

70 سالا پاڪستان جي تاريخ ۾ جي دنيا تي نگاهه وجهجهي ته ترقيءَ جي مرحلن جنن ڀوتن ۽ مقدر جي تصور کي مٽائي انسان کي پاڻ ڀرو بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هتي اڃان تائين تقدير جي فيصلن کي مڙهي ماڻهن جي ذهنن کي ٻوساٽيو ويو آهي. ڇا هن مهانگائي، استحصال، ڦرلٽ جو ڪو انت آهي، هڪ ٻار ڪنهن ماني چورائڻ تي هو چور ٿي ٿو وڃي ۽ کيس ڌمڪيون ملن ٿيون ته توکي هاف فراءِ ڪيو ويندو. هو هڪ مانيءَ جو چور جيل جي ديوارن ۾ قيد ٿئي ٿو پر ملڪ لٽيندڙ کربين رپيا هضم ڪري خزانا ڀريندڙ ڪڏهن به هاف فراءِ ته ڇا پر پوليس جو لڪڻ به نه کاڌو اٿن. ۽ وري وڪڙ ڏئي وڏين گاڏين مان لهي پنهنجو ديدار ڪرائي وري گاڏين ۾ ويهي ائين هليا ويندا آهن ڄڻ عوام هنن جو قرضي هجي هيءَ عوام ۽ ملڪ جا قرضي ناهن.

موجودهه حڪومت پاڪستان جي ڳنڀير مسئلن کي سلجهائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. بجلي، پاڻي، گئس، تعليم، صحت، بيروزگاري، دهشتگردي جيڪي به انساني زندگي جي ڪاروهنوار کي بهتر ڪري مهذب سماج جو شهري بڻائين جتي انسانن جي لاءِ احساس نياڻين جا قتل خوف هراس جو ماحول ختم ڪرڻ ۾ جيڪڏهن هن وقت موجودهه حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وئي ته سمجهو واقعي عوام جو ووٽ ۽ تقدير جو فيصلو بدلجي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے