25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چوڌري اعتزاز احسن مخاف ڌر جو بهترين صدارتي اميدوار

سدا حيات جلباڻي

جڏهن ڪنهن کي نڀاڳ ورائيندو آهي تـ ان جا سڀ پير ابتا کڄندا آهن. هو سڌو وڃي تباهيءَ جي کڏ ۾ ڪرندو آهي. اڄ ڪلهـ شريفن سان بـ اهو ڪجهه ئي ٿي رهيو آهي. پيٽ ڀرائي جي ڪري اقتدار دوران هنن جي زبان ڪڏهن  بـ قابو ۾ نـ رهي آهي. سڀني مخالفن کي بد شد پئي ڳالهايائون. خاص ڪري جڏهن  آصف علي زرداري جو ذڪر ڪندا هئا تـ سڀ ليڪا لتاڙي ويندا هئا. سندن افعال اهڙا نـ هجن ها تـ پيپلز پارٽي وزيرِ اعظم  جي چونڊ دوران اڻ ڌري ڇو رهي ها؟ پر جيڪڏهن غلطين مٿان غلطيون ڪري ئي ويٺا هئا تـ اچي آصف علي زرداري يا سندس فرزند بلاول ڀٽو کان ٻانهون ٻڌي معافي گھرن ها تـ کين معاف بـ ڪيو وڃي ها. عين ممڪن هيو تـ نون ليگ وزيرِ اعظم واري چونڊ کٽي وڃي ها. پر اجائي هٺ ۽ هوڏ هنن کي لوڙهي ڇڏيو.

هاڻي ملڪ جي تيرهين صدر جي لاءِ چوٿين سيپٽمبر تي رٿيل چونڊن لاءِ بـ شريف ڀائر ساڳيءَ طرح  نڀاڳ  جي ڪُن ۾ ئي ڦاٿل آهن. پيپلز پارٽي پاران تجويز ڪيل اميدوار چوڌري اعتزاز احسن کي مخالف ڌر جو گڏيل اميدوار مڃڻ کان انڪار ڪري هنن وري بـ  پنهن جي پيرن تي ڪهاڙو وهائي ڪڍيو آهي. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ پرويز رشيد شاهـ کان وڌ شاهـ جو وفادار ٿي اعتزاز خلاف جيڪو بيان ڏنو آهي، ان ڄڻ تـ ٻرنديءَ تي تيلي ڏيڻ وارو ڪم ڪيو آهي.

اعتزاز احسن هڪ اعلئ تعليم يافتا ۽ انتهائي سلجھيل شخص آهي. ابتدائي طور جڳ مشهور ايچيسن ڪاليج لاهور ۾  پڙهيو آهي. پوءِ،  گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان قانون جي تعليم حاصل ڪري ڊرائوننگ ڪاليج ڪئمبرج مان ايل ايل ايم جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. هو صدر جي عهدي لاءِ بلڪل موزون شخص آهي. رياست جي سربراهـ جي حيثيت ۾ صدر کي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ ٻين اهم گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻي هوندي آهي. حيرت ٿئي ٿي تـ سندس موجودگي ۾ شريفن جا هٿ وڃي مولانا فضل الرحمان تي کُتا آهن. کيس اي اين پي، مير غوث بخش بزنجو جي پٽ مير حاصل بزنجو جي پارٽي  نيشنل پارٽي ۽ ٻين ننڍين ننڍين سميت  مخالف جماعتن جو گڏيل اميدوار نامزد ڪرايو اٿائون. احتيا طن مسلم ليگ نون جي هڪ اڳواڻ امير مقام کي ڪورنگ ڪئنڊيٽ طور نامزد ڪيو ويو آهي.

مولانا صاحب ديرا اسماعيل جي هڪ مدرسي مان ابتدائي تعليم پرائڻ بعد پشاور يونيوسٽي مان اسلامڪ اسٽڊي ۾  بي اي جي ڊگري ورتي آهي. هو پنهنجي والد مفتي محمود جي وفات بعد ستاويهن سالن جي عمر ۾ سياست ۾ آيو. مفتي محمود اعليٰ پائي جو عالم هو. پنهنجي صوبي جو وزيرِ اعليٰ رهيو. مولانا فضل الرحمان صرف ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهندو آيو آهي.

چوڌري اعتزاز احسن کي ڇڏي صدارت لاءِ ٻيواميدوار آڻڻ جو مطلب حزب اختلاف جي ووٽن کي ورهائي ناڪام ٿيڻ جي تياري ڪرڻ جي برابر آهي.حالانڪـ خورشيد شاهـ ۽ رضا رباني تي ٻڌل  پيپلز پارٽيءَ جو هڪ وفد شريفن جي گھر لڙي ويو هو. وفد هنن کي سڄو قصو سمجھائڻ جي چڱي طرح ڪوشس ڪئي. پراڃان تائين  شريف ناهن مڙيا.  هاڻي بـ وقت ويو نـ آهي. هن مهيني جي ٽيهين تاريخ تي ٻارهين لڳي تائين  صدارتي اميدوار هٿ کڻي سگھن ٿا. مسلم ليگ (ن) ۾ ڪو تـ هوندو جيڪو شريفن کي سمجھائي سگھي تـ شريف ڀائرو! سڄي مسلم ليگ ۽ ملڪ جو ڀلو ان ۾ آهي تـ ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي ملڪ جي تيرهين صدر جي لاءِ چوڌري اعتزاز احسن کي مخالف ڌر جو گڏيل اميدوار مڃي کيس ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾  مخالف ڌر جا ووٽ ورهائجي وڃڻ سان حڪمران اتحاد کي واڪ اوور ملي ويندو هونئن بـ اهو ملڪي مفاد ۾ آهي تـ جيڪڏهن وزيرِ اعظم هڪ ڌر جو آهي تـ صدر ٻي ڌر جو هئڻ گھرجي. ائين ڪرڻ  اقتدار ۾ توازن قائم رکڻ لاءِ تمام ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے