22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

صدر جي چونڊ ۽ وفاقي جمهوريت

علي محمد  ميمڻ

ملڪ ۾ تازين عام چونڊن جي نتيجي ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ مختلف جماعتن ۽ اتحادي ڌرين جون حڪومتون قائم ٿي چڪيون آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي هڪ وڏي عهدي صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ صدارتي چونڊ مقابلو  4 سيپٽمبر 2018ع تي ٿيڻ وڃي رهيو آهي.  ملڪ ۾ رائج  وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تحت، صدر مملڪت جي چونڊ ۾ صدارتي اليڪٽوريل ڪاليج يا ووٽرن ۾سينيٽ آف پاڪستان جا 104 سينيٽر، قومي اسيمبلي جا رجسٽرڊ سمورا 330 ميمبر ۽ ملڪ جون چار صوبائي اسيمبليون  سڀ کان ننڍي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن جي تعداد 56 ميمبرن برابر ، سمورين صوبائي اسيمبلين مان هرهڪ صوبي جا 56 ووٽ مقرر ٿيل آهن جيڪي آئيني چونڊ فارمولي تحت ووٽن ذريعي نئين صدر مملڪت جي چونڊ ڪندا.

صدارتي چونڊ مقابلي ۾ مخالف ڌر جي پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز، متحده مجلس عمل، عوامي نيشنل پارٽي جي جماعتن طرفان سامهون آيل اميدوارن ۾ بئرسٽر اعتزاز احسن ، مولانا فضل الرحمان نامزد ڪيا ويا آهن.  جڏهن ته  ٻئي پاسي حڪمران  اتحاد ۾ شامل جماعتن طرفان  ڪراچي جي ڏندن جي ڊاڪٽر عارف علوي ايم اين اي کي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان صدارتي اميدوار طور لاٿو ويو آهي، جنهن  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن. سرڪاري اميدوار کي مسلم ليگ (ق)،  ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ڪجهه ٻين  جماعتن جي پڻ حمايت حاصل آهي.

صدارتي چونڊن ۾ مخالف ڌر  جي ٻن ڌار اميدوارن جي اميدوار هئڻ ڪري گڏيل  هڪ اميدوار جي چونڊ تي في الحال اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ۽ مخالف ڌر هن وقت ورهايل نظر اچي رهي آهي.  صدارتي چونڊ لاءِ اميدوار جي درخواستون جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ ڪري مخالف ڌر ۾شامل جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي  طرفان ملڪ جي پراڻي سياستدان ۽ وڪيلن جي تحريڪن جي سرواڻ بئرسٽر اعتزاز احسن کي مک اميدوار طور تي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ مسلم ليگ ن ۽ متحده مجلس عمل طرفان مولانا فضل الرحمان کي صدارتي اميدوار طور نامزد ڪيو ويوآهي. اهڙي ريت مخالف ڌرين جي اتحاد جي ٻنهي اميدوارن بئرسٽر اعتزاز احسن ۽ مولانا  فضل الرحمان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. باقي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ڌرين ۾ ڳالهين بعد مخالف ڌر جو هڪ اميدوار نامزد ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي .  ٻي صورت ۾مرڪزي سرڪار واري ڌر جو اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي آساني سان صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو.

صدر مملڪت جي چونڊ طريقي بابت اليڪشن ڪميشن جي  پڌرائي موجب،  صدارتي چونڊ مقابلي ۾ لهندڙ سمورين ڌرين ۽ اميدوارن کي پنهنجيون درخواستون هاء ڪورٽن جي رجسٽرارن وٽ جمع ڪرائڻ جو ڏنل وقت پڻ 27 آگسٽ تي پورو ٿي ويو ۽ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندر سمورن اميدوارن جي لسٽ پڻ تيار  ڪئي ويئي آهي ۽ وڌيڪ اميدوارن جي چونڊ جي ضابطن تحت درخواستن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ درخواستون واپس وٺڻ جو وقت اڃا باقي آهي.

ملڪ جي 1973ع واري آئين تحت، ملڪ جي صدر کي حاصل اڳوڻن اختيارن کي اڳوڻي صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي  حڪومتي دور ۾ آئين ۾ 18هين ترميم پارليامينٽ مان منظور ڪرائي شامل ڪئي  وئي آهي. جنهن تحت،  ملڪ جا سمورا حڪومتي اختيار  پارليامينٽ ۽  وزير اعظم جي حوالي ٿي ويا آهن ۽ انهي سرشتي ۾ صدرمملڪت جي حيثيت ملڪ جي سربراهه مملڪت يا جمهوري نظام جي سرپرست ۽ بزرگ سربراهه واري ضرور آهي، جنهن تحت،  صدر کي ملڪ جي آئيني جمهوريت ۽ پارلياماني سرشتي جي نگهباني ڪرڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ  آئيني فرض آهن . اهڙي ريت صدر مملڪت جي عهدي لاءِ تعليم يافتا شخصيت، جيڪا ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد ۽ دنيا جي جمهوري سرشتن کان واقفيت ۽ دنيا سان ملڪ جي لاڳاپن ۽ ڪاروهنوار ۾ مددگار سربراهه جي اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ۽ وفاق ۽ رياست ۾ وهنوار ۽ مسئلن جي نبيري ۾پڻ مددگار وارو شاندار ڪردار پڻ صدرمملڪت جي عهدي جو شان آهي.  صدر مملڪت جي اميدوارن  ۾نامزد ٿيل نالن ۾چوڌري اعتزاز احسن  صدر جي عهدي لاءِ تمام گهڻو موزون ۽ مانائتي شخصيت طور ضرور سامهون آيو آهي، جنهن کي ملڪ جي سمورن حلقن ۽ سياسي ،  قانوني ۽ سماجي ڌرين ۾ مڃتا ۽ مقبوليت ضرور حاصل آهي. پر صدارتي چونڊ جي اليڪٽورل ڪاليج جي بندشن ۽ ضابطن موجب ملڪ جي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ذريعي ئي صدر مملڪت جي چونڊ ٿيڻي آهي.

يقينن ! صدر مملڪت جي مانائتي عهدي جي چونڊ ڳجهي ووٽن ذريعي ٿيڻي آهي.۽ صدارتي چونڊ ۾ حڪومتي ڌر  ۽ گڏيل مخالف ڌر جي اميدوارن ۾ دوبدو مقابلو ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنهي پاسي ووٽن جي حساب ۾ مخالف ڌر کي ٿورڙي ووٽن جي سرسي ضرور حاصل آهي۽ خوشقسمتي سان جيڪڏهن مخالف ڌر جو گڏيل اميدوار بئرسٽر اعتزاز احسن تي اتفاق ٿي ٿو وڃي ته پوء سندس شاندار ڪاميابي يقيني آهي. ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سندس ڪيل شاندار خدمتن کي پڻ شاندار نموني مڃتا ملڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ حيرت انگيز طور تي حڪومتي ڌر جي ميمبرن طرفان پڻ سندس حق ۾ ووٽ ملي سگهن ٿا.شايد اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان اعتزاز احسن جي چونڊ ڪرڻ ۾ يقينن گهڻا مفيد پاسا غور هيٺ آندا ويا آهن.

بيشڪ ! ملڪ ۾ عام چونڊون هجن يا صدر مملڪت جهڙي عهدي جي خاص اميدوار جي چونڊ هجي ته ان موقعي تي سياسي جماعتن جي پابندين کان آجو ٿيڻ ۽ ضمير موجب بهتر اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو ڳجهو موقعو  به هر وقت ناهي ملندو جو اميدوار  ضمير جي فيصلي موجب ووٽ ڏئي مڃتا ڏيڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جا قرض لاهڻ جا پڻ  اهڙي ريت قيمتي  موقعا ڪڏهن ڪڏهن ٿا ملن . يقينن، صدارتي چونڊ لاءِ اميدوارن جي نالن جو 30 آگسٽ تي اعلان بعد اصل مقابلو ۽ حقيقي صدارتي چونڊ ۾ لهندڙ طاقتور اميدوارن ۽شخصيتن ۾ 4 سيپٽمبر تي تاريخي مقابلو ڏسڻ جو موقعو ملندو. جنهن بعد عوام کي اهي کيرون ملنديون ته ملڪ جي جمهوري تحريڪ جو جڳ مشهور اڳواڻ ۽ وڪيلن جي تحريڪ جو سرواڻ ملڪ جو صدر چونڊجي ٿو اچي يا سرڪاري ڌر کان بيهاريل ڏندن جو ڊاڪٽر ملڪ جو صدر ٿو بنجي يا وري ملڪ ۽ قوم جي قسمت کي دعائن واري سرڪار ٿي نصيب ٿئي !، بس ٿورڙو انتظار .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے