20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ جا ترقياتي ڪم ۽ سنڌ حڪومت جون ذميواريون….

سيد مراد علي شاهه سنڌ جي وڏ وزارت سنڀالڻ بعد سرڪاري ڪار وهنوار شروع ڪيو آهي، هُن جيڪي اهم سرگرميون ڪيون آهن انهن ۾ پ پ چيئرپرسن بلاول ڀٽو سان ملاقات ۽ ساڻس ترقياتي ڪمن بابت ڪيل ڳالهيون ۽ وزير اعلى هائوس ۾ هڪ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت جنهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ رهيل ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. ڪراچيءَ ۾ جاري ترقياتي رٿائن مان تقريبن سڀئي رٿائون اهڙيون آهن جيڪي سيد مراد علي شاهه جي اڳئين دور ۾ شروع ٿيون هيون جيڪي ڪجهه مڪمل ٿيون هيون ۽ ڪجهه مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ هيون، جن جو هاڻي ٻيهر جائزو ورتو ويو آهي.

وڏي وزير جي صدارت ۾ جن منصوبن جو جائزو ورتو ويو انهن ۾ شهر کي باهه جي واقعن دوران محفوظ رکڻ لاءِ فائربرگيڊ جي گاڏين ۽ اسنارڪل جي خريداري، سندس اڳوڻي دور ۾ ٽيپو سلطان روڊ، ٽيپو سلطان فلاءِ اوور، سن سيٽ گذري، بليو وارڊ فلاءِ اوور ۽ ڪينٽ اسٽيشن جي روڊن جو ڪم هلندڙ هو جيڪو هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي،  ناٿا خان پل جي يوٽرن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ايراضي حاصل ڪرڻ جو فيصلو، جڏهن ته ڊرگ روڊ انڊر پاس ۽ سب ميرين چورنگي وٽ انڊر پاس جي ڪم جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪراچي چڙيا گهر جي ترقيءَ لاءِ هلندڙ ڪم جي سستيءَ جو پڻ جائزو ورتو ويو، وڏي وزير جي صدارت ۾ جيڪو اجلاس ٿيو آهي ان ۾ شهر جي مجموعي ترقيءَ لاءِ جيڪي ترقياتي ڪم جاري آهن انهن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ عوام جي استعمال لاءِ کولڻ تي زور ڏنو ويو.

ڪراچي هڪ مسلسل طور تي وڌندڙ شهر آهي، ڪراچي شهر جي بدقسمتي اها آهي جو هن شهر جي واڌ ويجهه مجموعي طور تي غير فطري انداز سان ٿي رهي آهي، غير قانون نموني ٿي رهي آهي ۽ سواءِ ڪنهن جامع رٿا بنديءَ جي ٿي رهي آهي جنهن ڪري اهي امڪان هر وقت رهن ٿا ته هن شهر ۾ ڪنهن به وقت سسٽم بريڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، جنهن کي هن انداز سان سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڪراچيءَ جو انتهائي مصروف بندر روڊ جيڪو انگريزن ان وقت جي ٽريفڪ ۽ ٽرام سسٽم کي نظر ۾ رکي ٺاهيو هو ۽ وڌ ۾ وڌ ان تي ايندڙ پنجويهن سالن ۾ ٽريفڪ جي وڌندڙ بار کي برداشت ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر هاڻي صورتحال اها آهي جو ان روڊ تي ٽريفڪ جي رواني هر وقت متاثر رهي ٿي، ڪنهن ننڍڙي واقعي سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام رهي ٿي، عام ماڻهن جو روڊ جي پاسن کان گهمڻ ڦرڻ ڪنهن به خطري کان خالي نه ٿو رهي، اهڙي ئي نموني شهر کي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ جوڙيل نظام ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ وڇايل گٽر نظام آهي جيڪو هوند ته هن شهر جي وڌندڙ آباديءَ لاءِ ناڪافي آهي، ڪراچيءَ جي لڳ ڀڳ پيرس، نيويارڪ، فرنڪفرٽ، ماسڪو، شنگهائي ۽ ٽوڪيو شهر آهن، انهن شهرن مان اڪثر شهرن جي آبادي ڪنهن حد تائين گهٽ پڻ آهي پر تنهن هوندي به انهن شهرن جا گٽر ايترا ته وڏا ۽ ويڪرا آهن جو انهن مان ٽرڪ گاڏي به گذري سگهي ٿي ۽ انهن شهرن مان اڪثر شهرن جو گٽر نظام ڪمپيوٽرائزڊ آهي.

هن جديد دور ۾ جڏهن شهرَ ماڻهن سان وڌ ۾ وڌ سٿجي رهيا آهن تڏهن شهرن جي ترقيءَ جا منصوبا ۽ رٿائون پڻ جديد سائنسي انداز ۾ جوڙيون وڃن ٿيون،  شهرن تي عوام جي وڌندڙ بار ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدت واريون رٿائون جوڙيون وينديون آهن تنهنڪري اسان سنڌ ڪابينا کي اها گذارش سڀ کان اول ڪنداسين ته ڪراچي شهر لاءِ جيڪي به ترقياتي رٿائون جوڙيون وڃن اهي ڊگهي مدت واريون ۽ ايندڙ وقت جي وڌندڙ ضرورتن کي ذهن ۾ رکي جوڙيون وڃن، ان سان گڏ اسان سنڌ ڪابينا کي شهر جي ترقياتي رٿائن جي سلسلي ۾ سوچ ويچار لاءِ ڪجهه تجويزون پڻ گوشه گذار ڪنداسين، جن ما ڪجهه هن ريت آهن؛

ڪراچي شهر جي گذريل ڏهاڪن ۾ جيڪا به ترقي ٿيندي رهي آهي اها ٺيٺ لساني بنيادن تي ٿيندي رهي آهي، جنهن جي شهر جي مجموعي ترقيءَ تي منفي اثر پيا آهن.

هن وقت تائين ڪراچي شهر جي ترقياتي رٿائڻ ۾ ڪراچيءَ جا قديم ترين سنڌي علائقا پٺتي رکيا ويا آهن جن ۾ لياري اهم آهي ۽ ان بعد ڪراچيءَ جو اهي سوين وسنديون پڻ ذڪر لائق آهن جن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي برابر ٿيا آهن انهن ۾ نئين ڪراچيءَ جا سنڌي علائقا، ناظم آباد جا سنڌي علائقا، هاڻوڪي گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال جا سنڌي علائقا، سڄو ملير ۽ هاڪس بي تائين جون سنڌي آباديون شامل آهن، جن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

ڪراچي شهر جي ترقيءَ کي فقط هڪ شهر جي ترقيءَ جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي جيڪو نقطئه نظر مجموعي طور تي منفي تاثر ۽ سوچ کي جن ڏئي ٿو، جڏهن ته دنيا ۾ حقيقتون ان جي برعڪس آهن، مثلن پيرس جي ترقي فرانس جي ترقي ليکبي، ڍاڪا جي ترقي بنگلاديش جي ترقي ليکبي، ٽوڪيو جي ترقي جاپان جي ترقي ليکبي پر افسوس جو مقام آهي ته ڪراچيءَ جي ترقي فقط ڪراچيءَ جي ترقي ليکبي يا پاڪستان جي ترقي ليکبي، پر ان جي ابتڙ لاهور جي ترقي پنجاب جي ترقي ليکجي ٿي.

اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته پيپلز پارٽيءَ جي هن دور ۾ سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ ڪراچي شهر جي ترقيءَ بابت جيڪي به ڊاڪٽرائن، فلسفا ۽ سوچون جڙيل آهن، انهن کي رد ٿيڻ گهرجي ۽ ڪراچيءَ جي ترقي حقيقي ۽ ٺوس بنيادن تي ٿيڻ گهرجي جنهن جو ثمر ڪراچي شهر ۾ آباد ماڻهن کي ته ملي ئي ملي پر ان ترقيءَ مان سنڌ جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ماڻهو پڻ مستفيد ٿي، جيستائين ائين نه ٿيندو تيستائين اها پڪ ڪرڻ لازم آهي ته ڪراچيءَ جي ترقيءَ جو عمل بي سود رهندو ۽ هڪ منزل اها اچي ويندي ته ڪراچيءَ جي ترقي سنڌ جي ترقي ڪري پيش ته ڪئي ويندي پر ان ترقيءَ سان سنڌين جي ترقي ڪنهن به طور تي مقصود نه هوندي ۽ اها منزل انتهائي خطرناڪ هوندي.

اربع 29 آگسٽ  2018ع، 17 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے