26 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ تي هڪ نئين ڪاهه جا سانڀاها

جي اين مغل

سنڌ جي تاريخ به عجيب آهي. هزارين سالن کان سنڌ جي تاريخ جا به ڪيترائي رنگ رهيا آهن، ڪو وقت هو جڏهن پاڻ کي“آريا” سڏائيندڙ سامراجن سنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽ سنڌ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي اصل باشندن کي“اڻ آريا” سڏيو ويو. اهو سڀ ڪجهه هزارين سالن کان هن وقت تائين ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿئي پيو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جڏهن ڌاريا سنڌ تي چڙهايون ڪري سنڌ تي قابض ٿيا ته سنڌ جي ڪجهه اصل باشندن کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ سنڌ وطن کي ترڪ ڪري دنيا جي مختلف حصن ڏانهن رخ ڪرڻو پيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ اهي سنڌي تارڪين وطن اتي به گهڻو ڪري رهڻ جي ساڳي انداز سان زندگي گذاريندا رهيا آهن، جيڪو هنن جو رهڻ جو طريقو پنهنجي وطن سنڌ ۾ هو. انهن علائقن ۾ خاص طور تي اسپين جو نالو ورتو ويندو آهي.

مون کي ياد آهي ته جڏهن اٽڪل 15 يا 20 سال اڳ سنڌ مان يوسف لغاري، مرحوم فقير محمد لاشاري ۽ آئون سنڌي اسيوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا(سانا) جي دعوت تي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا وياسين ته سانا جي انهيءَ ڪنوينشن جي آخري ڏينهن تي ان ڪنوينشن جي هڪ اهم ميزبان پنهنجي تقرير ۾ انڪشاف ڪيو ته اسپين ۾ سنڌين جو هڪ وڏو انگ رهي ٿو، جيڪي خانه بدوش(جپسيز) واري زندگي گذاريندا اچن.

اهو به ٻڌايو ويو ته اسپين جا اهي لاڏائو قبيلا سنڌي نسل جا آهن. انهيءَ ڪنوينشن ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته انهيءَ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙن مان ٽن ڄڻن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي پئي وڃي جيڪا سانا جي خرچ تي اسپين وڃي انهن سنڌي لاڏائو قبيلن جي ماڻهن سان ملاقات ڪندا ۽ هنن جي رهڻي ڪهڻي بابت هڪ جامع رپورٽ سانا کي پيش ڪندا ته جيئن بعد ۾ ان سلسلي ۾ تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪو ٻيو مناسب قدم اڳتي کڻي سگهجي. انهيءَ ڪميٽي ۾ مون کي به کنيو ويو هو، پر بعد ۾ مون کي نه سانا طرفان اسپين وڃڻ جو اطلاع مليو نه ئي انهيءَ ڪميٽي جي باقي ٻين ميمبرن کي اسپين موڪليو ويو. انهيءَ حوالي سان آئون هتي هڪ ٻيو مثال به ڏيندو هلان ته منهنجو سئوٽ جيڪو هن وقت انتقال ڪري ويو آهي تنهن کي سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جي باري ۾ مطالعو ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، تنهن مون کي هڪ ڀيري ٻڌايو ته هن کي هڪ هندو محقق جو ڪتاب هٿ آيو، جنهن ۾ ان محقق انڪشاف ڪيو ته آمريڪا جا ”ريڊ انڊين“ در حقيقت سنڌي هئا. جيڪي سامراجي ڪاهه جي دور ۾ سنڌ ڇڏي هن طرف رخ ڪيو ۽ وڃي ان علائقي ۾ نڪتا جنهن کي هاڻ آمريڪا چيو وڃي ٿو. منهنجي سئوٽ انتهائي ڏک مان چيو ته هن اهو ڪتاب مون کي پڙهائڻ پئي چاهيو، پر هن جنهن کان اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ورتو هو سو پرڏيهه پئي ويو ۽ هن کان اهو ڪتاب واپس ورتائين. اها ڳالهه منهنجي ذهن تي سدائين چهٽيل رهي.

مون اڪثر مختلف تعليمي ماهرن ۽ محقق آڏو اها ڳالهه پئي رکي ته سنڌ جا محقق ان سلسلي ۾ تحقيق ڇو نٿا ڪن ته ڇا واقعي آمريڪا ۾ پناهه وٺندڙ ”ريڊ انڊين“ سنڌي هئا. پر افسوس ته ٻين اشوز وانگر هن سلسلي ۾ به ڪا تحقيق نه ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ منهنجي علم ۾ هڪ وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آئي ته جڏهن آئون، يوسف لغاري ۽ فقير محمد لاشاري سانا جي دعوت تي آمريڪا ۾ هئاسين ته هڪ ڏينهن اڃا سانا جا ميزبان اسان کي آمريڪا جي شهر شڪاگو جي نيشنل ميوزيم ۾ وٺي آيا، جتي اسان انتهائي توجهه سان مختلف گئلرين جو معائنو ڪيو پئي ان وقت اسين ريڊ انڊين واري گئلري ۾ هئاسين، يوسف لغاري ۽ لاشاري مون کان اڳيان هئا ۽ آئون گئلري جي مختلف حصن جو جائزو وٺي رهيو هوس ته اوچتو منهنجي نظر هڪ تصوير تي وڃي پئي ۽ مون کان رڙ نڪري وئي، مون يوسف لغاري ۽ فقير محمد لاشاري کي سڏ ڪري چيو ته هي ته ڏسو جڏهن هو به اتي آيا ۽ هنن به اها تصوير ڏٺي ته هنن جون به اکيون ڦاٽي ويون، انهيءَ تصوير مطابق هڪ ريڊ انڊين عورت تازي ڄاول ٻار جي مٿي جي پٺ ويهاري رهي هئي، جيئن اسين سنڌي ڪندا آهيون، هنن کان به اوچتو اهي لفظ نڪري ويا ته يار هن طريقي سان ته پنهنجون سنڌي عورتون ڪنديون آهن ۽ مون کي پنهنجي سئوٽ جي اها ڳالهه ياد اچي وئي، جنهن مطابق هن چيو هو ته هن هڪ هندو محقق جو ڪتاب پڙهيو آهي جنهن ۾ لکيل هو ته ”ريڊ انڊين“ سنڌي هئا.

انهيءَ سوچ ۽ راءِ جي حمايت ۾ هڪ ٻي به ڳالهه هن ڪالم ذريعي عوامي آواز جي پڙهندڙن ڏانهن پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته عبدالڪريم لوڌي سنڌ جو تمام وڏو بهادر، همت وارو ۽ سنڌ دوست آفيسر ٿي چڪو آهي، هن چيف سيڪريٽري واري عهدي تان رٽائرڊ ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان سرڪار کيس آمريڪا ۾ عالمي بينڪ ۾ پاڪستان جي نمائندي طور مقرر ڪيو. هن ان حيثيت ۾ آمريڪا ۾ رهي پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا، جنهن دور ۾ عبدالڪريم لوڌي سنڌ جي انتهائي اهم عهدن تي ڪم ڪندو هو ته آئون ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي اهم انگريزي ۽ سنڌي اخبارن جي رپورٽر جي حيثيت ۾ هن سان واسطي ۾ رهيس، هو سنڌ دوست هو ۽ اڪثر مون کان سنڌ جا احوال وٺندو هو، هو جڏهن آمريڪا مان رٽائرڊ ٿي واپس پاڪستان آيو ته هميشه وانگر ڪراچي جي علائقي باٿ آءِلينڊ ۾ رهائش پذير هو، هڪ ڏينهن هو مون کي هڪ فنڪشن ۾ مليو ۽ مون کي ڀاڪر وجهي مون کي پيار مان چيائين ته مغل اڄ رات جي ماني تون مونسان کائجان مون کي توسان ڪيئن ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ان رات هن مون سان ڪئين اهم ڳالهيون ونڊيون ۽ ورهايون، پر هن جي جيڪا ڳالهه هن ڪالم ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو ان جو آمريڪا ۾ رهندڙ ”ريڊ انڊين“ سان تعلق آهي.

لوڌي صاحب ٻڌايو ته آمريڪا ۾ رهڻ دوران هو اڪثر انهن علائقن ۾ ويندو رهيو ۽ هنن سان ملاقاتون ڪيون ۽ لائيبريرين ۾ موجود ”ريڊ انڊين“ واري مواد جو ڪافي مطالعو ڪيو. هن چيو ته ان مطالعي دوران هن جي علم ۾ اها ڳالهه آئي جڏهن گورن دنيا جي مختلف ملڪن کان ڀڄي آمريڪا ۾ پناهه ورتي اتي هنن جو اڪثر ٽڪر ”ريڊ انڊين“ سان ٿيندو هو، گورن وٽ هٿيار ته جديد هئا، پر هنن جي ڪمزوري اها هئي جو آمريڪا ۾ فصل نه پوکي سگهندا هئا، ڇو جو هو آمريڪا جي هوا پاڻي ۽ زمين جي اثرن کان اڻ واقف هئا، اها خبر جڏهن ”ريڊ انڊين“ کي پهتي ته انهن جي هڪ قبيلي جي سردار گورن ڏانهن نياپو موڪليو ته اسين چاهيون ٿا ته اسان جو هڪ جهڙن طاقتور ماڻهن سان مقابلو ٿئي، اسين توهان کي پنهنجا ڪجهه ماڻهو ڏيون ٿا جيڪي آمريڪا ۾ ڪڻڪ پوکي ڏيکاريندا، اهي ماڻهو گورن واري علائقي مان آيا ۽ سڀ طريقا استعمال ڪري اچڻ کانپوءِ جڏهن فصل وڏو ٿيو ته انهن ”ريڊ انڊين“ اها ڪڻڪ لُڻي انهن جي حوالي ڪئي ۽ پيهي انهن کي اٽو ڏنو ۽ چيو ته انهن جي ماني پچائي توهان کائو، پر گورن شڪ ظاهر ڪيو ته ان ۾ زهر مليل آهي، جيڪڏهن اسان اها ماني کاڌي ته اسان مري وينداسين، اها خبر جڏهن ”ريڊ انڊين“ جي قبيلي جي سردارن کي پهتي ته هنن پنهنجا ماڻهو گورن ڏانهن موڪليا ته هي توهان جي موجودگي ۾ اٽو ڳوهي ماني پچائي اوهان جي موجودگي ۾ کائيندا ته جيئن اوهان کي اعتماد ٿئي ته هنن سان ڪا به ٻيائي نه ٿي آهي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، پوءِ گورا نه فقط ڪڻڪ پر ٻيا فصل به پوکڻ لڳا ۽ ”ريڊ انڊين“ تي حملي آور ٿيا، آخر نتيجو اهو نڪتو ته گورا آمريڪا جا مالڪ ٿيا، ۽ ”ريڊ انڊين“ اڄ ڏينهن تائين ننڌڻڪا آهن.

لوڌي صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي سنڌ جو ان وقت جو حڪمران راجا ڏاهر ۽ مسلمانن جو سپهه سالار محمد بن قاسم ياد اچي ويا، محمد بن قاسم پنهنجي ٻيڙن ذريعي فوج وٺي سمنڊ جي ڪناري ان وقت جي سنڌ جي اهم بندرگاهه ديبل تي لٿو هو، بعد ۾ جڏهن محمد بن قاسم جي فوج راجا ڏاهر جي فوج جي سامهون ٿي ته وچ ۾ درياهه هو، محمد بن قاسم پنهنجا سامونڊي ٻيڙا ته سامونڊي بندر وٽ ڇڏي آيو هو، پر هن لاءِ مشڪل هو ته هو پنهنجي فوج کي درياهه ڪيئن پار ڪري هن پاسي پهچائي، ڪجهه تاريخدانن مطابق جڏهن راجا ڏاهر کي اها خبر پهتي ته وڙهجي هميشه هڪ جهڙي طاقت واري سان تنهن ڪري هن پنهنجا ٻيڙا درياهه جي هن ڪناري تي پهچايا، جنهن ذريعي محمد بن قاسم جي فوج درياهه جي ٻئي ڪناري تي پهتي، محمد بن قاسم جي فوج ۽ راجا ڏاهر جي فوج ۾ جنگ ٿي ۽ راجا ڏاهر شڪست کاڌي ۽ سنڌ کي مسلمانن فتح ڪيو.

هاڻ آئون اها ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته هزارين سالن جي تاريخ ۾ سنڌ تي جيڪي به ڪاهون ٿيون آهن انهن جي مقابلي ۾ سنڌ جي بهادر فرزندن اڳيان وڌي پنهنجو ڪنڌ ڪپائي به سنڌ جو بچاءُ ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪيترائي نالا ذهن ۾ اچن ٿا، پر في الحال اسين فقط جڏهن دودي، دولهه درياهه خان، هوشو ۽ هيمون جو ذڪر ڪيون ته سنڌ جي تاريخ اسان جي آڏو ڪر کڻي بيهندي نظر اچي ٿي، انگريزن جي دور ۾ اسان سان ڇا ٿيو ۽ ڇا نه ٿيو، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڪيل ڪاهن وقت سنڌ سان ڇا ڇا نه ٿيو، ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي سپوتن مثالي بهادري جو مظاهرو ڪري سنڌ جو دفاع ڪيو، ان سلسلي ۾ آئون جيڪڏهن فقط مخدوم بلاول جو ذڪر ڪيان ته ڪافي ٿيندو جنهن هڪ ئي وقت ارغون ۽ ترخان سامراج خلاف گوريلا جنگ جي قيادت ڪئي، پاڻ ته گهاڻي ۾ پيڙهجي ويو، پر ارغونن ۽ ترخانن جو نسل ئي مٽجي ويو.

هاڻ اسين اڄ جي ڳالهه ڪيون ٿا چون ٿا ته تبديلي پئي اچي تبديلي جيڪڏهن اچي ته سٺي ڳالهه آهي، پر تبديلي جي جيڪا ايجنڊا پيش ڪئي وئي آهي جنهن جو ذڪر آئون گذريل ڪالم ۾ ڪري چڪو آهيان تنهن ۾ جنوبي پنجاب جو ته ذڪر آهي، فاٽا جو ته ذڪر آهي، بلوچستان جي ترقي جو ته ذڪر آهي جنهن جي سنڌ جو عوام آجيان ڪري ٿو، پر جيڪڏهن ذڪر ناهي ته سنڌ جي ترقي جو ناهي، پر سنڌ جو نالو ئي ناهي. جيڪڏهن ذڪر ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي ورهاست جو اشارو ڏنو ويو آهي، ڪراچي شهر جيڪو سنڌ جي جان، جگر مانُ ۽ شانُ آهي تنهن کي ڌار ڪري پهرين مرحلي ۾ الڳ صوبو، پر شايد الڳ ملڪ بنائڻ جا اشارا ڏنا ويا آهن، اها به ڪا گهٽ افسوس واري ڳالهه ناهي ته انهيءَ تبديلي جي سربراهه مختلف صوبن ۽ مرڪز ۾ جيڪي سربراهه مقرر ڪيا آهن تن مان هڪ جو به تعلق سنڌ سان ناهي ته ڇا ان مان سنڌ جي باري ۾ تبديلي جي دعويٰ ڪرڻ جي نيت صاف ظاهر نٿي ٿئي.

هي ڪالم هاڻ آئون هي چئي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڇا اهو سنڌ جي خلاف ڪاهه جو نئون طريقو ناهي. جيڪڏهن واقعي سنڌ وري ڪنهن ڪاهه جو نشانو بڻجڻ واري آهي ته ان ڪاههَ جو سنڌ بچاءُ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، في الحال ته ائين ٿو ڏسجي ته چاهي قومپرست هجن يا ترقي پسند يا مرڪز پسند هجن، اهي تبديلي جي ان سرواڻ جي گوڏي هيٺان لڪڻ چاهين ٿا. اهڙي وقت سنڌ هڪ ڀيرو پنهنجي هيروز، دودي، دولهه دريا خان، هوشو ۽ هيمون کي سڏ ڪري رهي آهي ته اٿي سنڌ جو دفاع ڪيو، سنڌ هٿيارن جي زبان استعمال ڪرڻ پسند نه ڪندي پر پنهنجو پاڻ کي اڄوڪي سنڌ جا هوشو، هيمون، دودا، دولهه دريا خان، سڏائيندڙ ڪنهن گڏيل پرامن سياسي جدوجهد لاءِ تيار ٿيندا؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے