21 جمعو , سيپٽمبر 2018

روس جي افغانستان ۾ واپسي

يوسف سيف

افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ روس جي ميزباني هيٺ ماسڪو ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. 4 سيپٽمبر تي ٿيندڙ انهن ڳالهين ۾ روس سمورين ڌرين کي دعوت ڏني آهي، جنهن ۾ چين، پاڪستان، افغانستان، هندستان، ايران ۽ آمريڪا به شامل آهن. آمريڪا ۽ افغانستان انهن ڳالهين ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. افغانستان ۾ روس، ازبڪستان، ايران ۽ هندستان جي وڌندڙ اثر عالمي توڙي علائقائي سطح تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. آمريڪا خاص طور تي روس جي افغانستان ۾ وڌندڙ اثر ۽ ان ۾ به طالبان سان ويجهڙائي تي گهڻو پريشان ٿي ويو آهي. افغانستان ۽ خطي جي صورتحال تي نظر رکندڙ تجزئي نگار پڻ هن صورتحال کي 2001ع کانپوءِ غير معمولي موڙ قرار ڏئي رهيا آهن. افغانستان ۾ اقتدار ۾ ويٺل يا وڙهندڙ ٻنهي ڌرين جي ڪاميابين ۽ مخالفن وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال سان جوڙي پنهنجا پنهنجا فائدا ۽ نقصان سوچي رهيا آهن.

روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جو چوڻ آهي ته 4 سيپٽمبر تي ماسڪو ۾ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ ڳالهيون رٿيون ويون آهن، جنهن ۾ طالبان شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي. روس سال 2017ع ۾ به اهڙي ڪوشش ڪئي هئي پر ان ڀيري طالبان ڳالهين جي ميز تي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ان کانپوءِ روس لڳاتار طالبان تي ڌيان ڏيندو رهيو آهي، ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. روس امن وارين ڳالهين لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين، پاڙيسري ملڪن کي دعوت ڏني آهي. جرمن جي اداري ڊي ڊبليو سان ۽ بي بي سي رائٽرز جي حوالي سان اها ڳالهه ڄاڻائي آهي. ٻئي طرف ڪجهه عرصي کان آمريڪا هن کان اڳ الزام هڻندو رهيو آهي ته روس طالبان کي هٿيار مُهيا ڪري رهيو آهي. آمريڪي عملدارن مطابق اهي هٿيار ازبڪستان جي سرحد کان اسمگل ٿي افغانستان پهچن ٿا. تازوئي افغان طالبان جو هڪ اهم وفد ازبڪستان جو دورو ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ هاڻي روس جي سربراهي /ميزباني هيٺ افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

آمريڪا جي انسٽيٽيوٽ آف پيس جي عملدار اينڊريو ويلڊر جرمن خابرو اداري ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا انهن ڳالهين جي آجيان ڪندو پر جيڪڏهن افغانستان جي سرڪار کي ڳالهين ۾ شامل نه ڪيو ويندو ته ان جو مطلب ٿيندو ته طالبان کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي ۽ ٻاهرين قوتن کي اهڙي طرح سامهون آڻڻ خطرناڪ هوندو.

نائين اليون کانپوءِ 2001ع ۾ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري طالبان جو تختو اونڌو ڪيو هو. جنهن کي آپريشن ”اينڊيورنگ فريڊم“ جو نالو ڏنو ويو هو. 7 آڪٽوبر 2001ع تي شروع ٿيل ان آپريشن ۾ اسامه بن لادن جي امڪاني ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، صرف ڪجهه ئي ڏينهن يعني نومبر 2001ع ۾ آمريڪا افغانستان تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کانپوءِ بون ۾ گڏيل قومن جي سهڪار سان افغانستان جي مسئلي تي هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ آمريڪا جي پاليسين کي مضبوط ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ پهرين حامد ڪرزئي ۽ پوءِ اشرف غني کي صدارت جون واڳون ڏنيون ويون. آمريڪا هڪ ئي وقت بيڪ ڊور دپلوميسي هلائيندي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن خاص ڪري پاڪستان تي دٻاءُ وجهندو رهيو آهي ته طالبان کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي. پاڪستان جي پس منظر ۾ صورتحال گهڻي پيچيدا آهي. 2015ع کان وٺي آمريڪا پنهنجي ٻين همدرد ملڪن کي به افغانستان ۾ امن ۽ خصوصي طور تي طالبان کي سوڙهي ڪرڻ لاءِ ٽاسڪ به ڏيندو رهيو آهي. ان لاءِ قطر ۾ وچولي درجي جي طالبان جي قيادت کي اسٽيٽ گيسٽ طور به رهايو ويو آهي. ان کانسواءِ فرانس، جپان، انڊونيشيا سميت ڪيترن ئي ٿنڪ ٽينڪ کي پڻ طالبان سان ڳالهين ذريعي ٽيبل تي آڻڻ، افغانستان جي صورتحال کي سنڀالڻ جا ڪم حوالي ڪيا آهن. سمورين ڪوششن باوجود آمريڪا پنهنجو من پسند نتيجو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

افغان طالبان جيتوڻيڪ مُلان عمر جي مارجڻ کانپوءِ ڇڙو ڇڙ ٿي ويا آهن پر ڪيترائي اهم ۽ مضبوط گروپ وڙهي رهيا آهن. ان پس منظر ۾ داعش جو افغانستان ۾ داخل ٿيڻ ۽ مضبوط ٿيڻ اهڙو نقطو هو، جيڪو روس، افغانستان، ايران ۽ هندستان جي افغانستان ۾ اثر وڌائڻ جو سبب بڻيو. هن وقت روس داعش خلاف ويڙهه جي لاءِ طالبان جي مدد ڪري رهيو آهي، ايران پڻ اهو ساڳيو ڪم پيو ڪري، جنهن ڪري آمريڪا کي شديد ڪاوڙ ۽ چڙ آهي.

نائين اليون کانپوءِ روس آمريڪا پاران افغانستان تي حملي جي حمايت ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل هو پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي مفادن تي هنن ۾ ٽڪراءُ کي پئدا ڪري ڇڏيو. اهڙو ئي ٽڪراءُ شام ۾ پڻ ٿيو هو، جتي به داعش کي شڪست ڏيڻ ۾ شام جي حڪومت ڪامياب ٿي. جنهن ۾ پڻ ترڪي، روس، چين ۽ ايران جو اهم ڪردار رهيو آهي.

تجزئي نگارن ازبڪستان کانپوءِ روس جي حمايت حاصل ڪرڻ، ڌيان ڇڪائڻ وارين طالبان جي ڪوششن کي اهم سفارتي ڪاميابي قرار ڏئي رهيا آهن. قطر ۾ طالبان جي نمائندي سهيل شاهين موجب طالبان وفد ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سان غير ملڪي فوج جي نيڪالي، ازبڪ سهڪار وارن منصوبن ريلوي لائين ۽ توانائي جي شعبن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. ترجمان موجب مارچ 2018ع ۾ ازبڪستان جي صدر طالبان اڳواڻن کي امن بابت ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. طالبان اڳواڻن جو دورو ان سلسلي جي ڪڙي هو.

طالبان جي وڌندڙ حمايت، پاڙيسري ملڪن سان رابطن، سفارتي ڪوششن سان افغانستان ۾ طالبان جو اثر وڌي رهيو آهي. هو افغان سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ شهر ۽ ضلعا هنن جي هٿن مان نڪرندا پيا وڃن. اها صورتحال آمريڪا لاءِ هڪ نئين پريشاني جو سبب بڻجندي پئي وڃي. هڪ ڀيرو ٻيهر وڏين طاقتن جي دلچسپي افغانستان ۾ وڌي رهي آهي، جنهن ڪري ٽڪراءُ جي شديد ٿيڻ جو امڪان موجود آهي. روس، چين ۽ آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ چاهين ٿا، جيئن هو مستقبل ۾ اتان پنهنجا ٻيا فائدا کڻي سگهن.

افغانستان جي موجوده حڪومت پڻ روس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته روس سان اسانجا لاڳاپا هميشه بهتر رهيا آهن پر حڪومت سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪندي، تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته روس ۽ افغانستان ٻنهي ملڪن جو امن ڳالهين ۾ شامل نه ٿيڻ وارو فيصلو کين ئي نقصان ڏيندو، ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته هن وقت تائين طالبان موجوده حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضي نه ٿيا آهن پر شايد افغانستان جي ايندڙ حڪومت تائين صورتحال ڪافي واضح ٿي ويندي. ماهرن جي اهڙي مفروضي جو ٻيو مطلب اهو آهي ته افغانستان ۾ ايندڙ حڪومت تي ڪنهن هڪڙي ڌر يا ملڪ جو مڪمل اثر نه هوندو بلڪه ايندڙ سرڪار ۾ پاڙيسري ملڪن جي حامي ڌڙن جو به حصو پتي هوندو، جنهن بعد طالبان کي پڻ ايڊجسٽ ڪيو وڃي. في الحال ته اهو مفروضو يا خيالي ڳالهه لڳي ٿي پر زميني حقيقتون ان طرف ويندي نظر اچي رهيون آهن. هن وقت افغانستان ۾ هلندڙ ويڙهه ۾ پاڙيسري ملڪ گهڻو ملوث ٿي ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے