20 خميس , سيپٽمبر 2018

مولانا فضل الرحمان سرگرم، اڄ ڪراچي پهچي ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي قيادت سان ملاقاتون ڪندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي کانسواءِ ٻين مخالف ڌر پارٽين جو گڏيل صدارتي اميدوار مولانا فضل الرحمان اڄ ڪراچي پهچندو ۽ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي قيادت سان ملاقات ڪندو. متحدا مجلس عمل جي مرڪزي ترجمان شاهه اويس نوراني موجب ايم ايم اي صدر مولانا فضل الرحمان اڄ ڪراچي پهچي مختلف سياستي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. ترجمان موجب مولانا فضل الرحمان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي صدر پير پاڳارو سان شام 5 وڳي ڪنگري هائوس ۾ ملاقات ڪندو. ايم ايم اي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادآباد پڻ ويندو جتي سندس ملاقات خالد مقبول صديقي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے