22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٻھارا: عوامي تحريڪ پاران سنڌو دريارهه تي ڊيم ٺاهڻ ۽ پي ٽي آءِ-ايم ڪيو ايم ٺاھ خلاف ريلي

Buhara: The Awami Tehreek made a dam on the Indus River and the PDI against MQM against rallyٻھارا ۾عوامي تحريڪ پاران سنڌو دريارهه تي ڊيم ٺاهڻ ۽ پي ٽي آءِ-ايم ڪيو ايم ٺاھ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

عوامي تحريڪ ضلعي صدر ٺٽو بلاول لاشاري، ڪامريڊ عمر پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالا باغ ڊيم سميت سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ ۽ پي ٽي آءِ-ايم ڪيو ايم ٺاهه خلاف شھر ڳاڙھو کان گهارو روڊ تي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي ٽن صوبن جي اسيمبلين رد ڪيو آهي، پر اجايو رينگٽ ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته سنڌو دريارهه تي سمورا ڊيم ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهن، اهڙن ڊيمن خلاف سنڌ سراپا احتجاج رهندي.

سندن چوڻ هو ته تحريڪ انصاف قاتل ايم ڪيو ايم سان ٺاھ ڪري کين وزارتون ڏئي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو آھي، جيڪو سنڌ دشمن منصوبو آھي.

اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ-ايم ڪيو ايم ٺاھ خلاف سنڌ ۾ زبردست احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے