25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

وفاقي ڪابينا اجلاس: هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن لاءِ ٽاسڪ فورس قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي حڪومت نيب قانون ۾ ترميم، نيشنل بئنڪ جي صدر کي هٽائڻ جي منظوري ۽ ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي منشور تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ماحوليات بابت صلاحڪار امين اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نيب جي قانون کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ترميم جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بنا امتياز احتساب تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ نيب قانونن ۾ ترميمن لاءِ قانون واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ جي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر ڪنهن به ڪانٽريڪٽ ملازم کي برطرف نه ڪيو ويندو، ان لاءِ بيورو ڪريسي ۾ موجود ايماندار آفيسرن کي ڊڄڻ جي ڪا ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ لاءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ خسرو بختيار تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ن ليگ ۽ پ پ سميت ٻين سياسي پارٽين سان رابطا ڪندي، ڇو ته صوبو قائم ڪرڻ لاءِ ٻه ڏهائي اڪثريت جي ضرورت آهي. فواد چوڌري چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي ۽ وزيراعظم هر پندرهين ڏينهن ان ٽاسڪ فورس جو جائزو وٺندو، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ به ترميم آندي وندي. ان موقعي تي امين اسلم چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ماحوليات جي قدم کڻندي ۽ ٻه سيپٽمبر کان باقاعدي طور ان مهم جي شروعات ٿيندي، ٻه سيپٽمبر تي سڄي پاڪستان ۾ 15 لک ٻوٽا پوکيا ويندا ۽ عوام کي مفت ٻوٽا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم ان مهم جو افتتاح اسلام آباد ۾ ڪندو ۽ وڏا وزير پنهنجي صوبن ۾ اها مهم جاري رکندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے