22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: رتوديرو: نينگر جي آزاديءَ لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

Ratodero: demonstrates the heirs of the Nigerian independence*رتي ديري ۾ وارثن پاران نينگر جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو محمد نواز، عبدالحليم ۽ مهيبن خاتون سميت ٻين  4 مهينا اڳ گم ٿيل نينگر نادر جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگر جي وارثن چيو ته سندن نينگر شڪاپور ناڪي وٽان گم ٿي ويو هو،  4 مهينا گذري ويا آهن، پر نينگر هٿ نه اچي سگهيو آهي.

هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نينگر جي آزادي عيوض جوابدار ڀتو گهريو، جوابدار بابت سموريون شاهديون پوليس کي ڏنيون ويون پر پوليس سندن ڪا به مدد نه ڪئي.

هنن الزام هنيو ته اڳوڻي ايس ايڇ او جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بدران رشوت وٺي جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ايس ايڇ او کانئن 20 هزار رپيا به ورتا، پر نينگر جي ڳولا ۾ ڪا به مدد نه ڪئي.

وارثن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نينگر آزاد ڪرائي ۽ جوابدار سميت اڳوڻي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے