21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي : پئسن عيوض پرڻايو ويو، مڙس مٿس تشدد ڪري ٿو طلاق ڏياري وڃي: ناري

Dighri: Money was abducted, man tortured her, divorced her husband: Nari*ميرپورخاص واسڻ ناري ڊگھڙي پهچي دانهيو آهي ته کيس پئسن عيوض پرڻايو ويو، مڙس مٿس تشدد ڪري ٿو کيس طلاق ڏياري وڃي…

ميرپورخاص شھر جي ايس آر ٽي سي  ڪالوني جي رهواسڻ ناري سونا ٻڌايو ته سندس والد محمد رحيم ڪهيري سندن نڪاح پيرسن شخص وزيرحسين خاصخيلي سان ڪرايو .

 هن چيو ته  شادي بعد مڙس سخت تشدد جو نشانو بڻائيندو هو جنهن بعد مون تنگ ٿي طلاق  لاءِ  ميرپورخاص ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آھي.

ناري چيو ته سندس والد کيس ٻيهر پئسن عيوض کپرو جي رهواسين سکيو چانهيون ۽ جمال چانهيون کي وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته مونکي ۽ منهنجي مدد ڪندڙ ماڻھن کي منهنجي مائٽن مان جان جو  خطرو آھي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آھن.

هن ڊي آءِ  جي ميرپورخاص،ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته  کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ……

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے