18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس، 23 سالن جو نوجوان جناح اسپتال ۾ زير اعلاج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڪانگو وائرس جو ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي جتي نيو ڪراچي جو رهائشي نوجوان جناح اسپتال ۾ زير اعلاج آهي. جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سميي جمالي جي موجب نيو ڪراچي جي رهائشي 23 سالن جي نوجوان سلامن کي ڇنڇر جي ڏينهن اسپتال آندو ويو هو جنهن کي ٽيسٽ کان پوءِ ان جي جسم ۾ ڪانگو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي. سيمي جمالي موجب هن کان پهريان جناح اسپتال ۾ هن سال ڪانگو کان متاثر 8 مريض آندا ويا ها. جنهن مان 2 فوت ٿي ويا آهن.  ماهرن جو چوڻ آهي ته هڏين ۽ پيٽ ۾ سور، تيز بخار ۽ جسم جي ڪنهن به حصي مان رت اچڻ ڪانگو جي علامت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سان کيڏو، فون سان نه! جرمني جي ٻارڙن جو  والدين خلاف انوکو احتجاج

جرمني( ويب ڊيسڪ ) ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ مٿن ڌيان ڏيڻ تمام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے