22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مورو: فتاح علي شاھه جي وارثن سان تعزيت، ڊي آءِ جي 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

MORO: Tasqat, the DII-3 constituency left the heirs of Fateh Ali Shahwah*موري ۾ شھيد ٿيل سنڌي ادبي سنگت ۽ جسقم آريسر اڳواڻ فتاح علي شاھه جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڊي آئي جي طرفان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

تڏي تي جسقم آريسر جي مرڪزي قائم مقام امير آزاپنھور۔اسلم خيرپري۔ضلعي صدر خادم چانڊيو۔پورھيت سنگت جي اڳواڻ ملوڪ کوسو۔ وقار سيال۽ ٻين قومي ڪارڪنن  شرڪت ڪئي.

 جسقم جي امير آزاد عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو  ته شھيد سائين فتح علي شاھ جسقم آريسر جو جاکوڙي۔با ڪردار ماڻهو هو.

 هن چيو ته کنڀي گم ڪيلن قومي ڪارڪنن جي جدو جھد  ڪرڻ تي فتاح علي شاهه کي شهيد ڪيو ويو .

ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ تاج جوئي پڻ تڏي تي اچي دعا گھرڻ بعد  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته فتاح علي شاهه جي شهادت تي  وڏو صدمو رسيو آھي، جڏهن ته کين خدشو آھي ته رياستي قتل ڪيو ويو آهي.

سنڌي ادبي سنگت سٽي شاخ جي اڳواڻ مختيار شاھ۔پير شمن۔محجور سولنگي ۽ ٻين چيو ته  سنڌ جو يگانو عاشق ھو.

ھوڏانھن فتح علي شاھ جي خبر موري شھر ۾ باھ جيان پکڙجي وئي۔تڏي تي مختلق قوم پرست اڳواڻ سياسي سماجي علمي ادبي ۽ وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي

 ايس يو پي،جي جي ايم سابقي، قومي ورڪر پريم ڪمار،جسقم بشير خان جي نعيم پيرزادو، اصغر ڀٽي۔۽ ٻين ڪئي.

آخري اطلاعن تائين  قتل جو ڪيس  قاضي احمد ٿاڻي تي  ٽن اڻڄاتل جوابدارن تي داخل ڪيو آھي

ڊي آئي جي طرفان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے