21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميرپورخاص : اغوا ٿيل ناري جي وارثن جو احتجاج، جوابدارن پاران ناري کي قتل ڪرڻ جون دانهون

Mirpurkhas: Protestants of abducted Nari, murderers kill killers of Nari*ميرپورخاص ۾3 سال اڳ اغوا ٿيل ناري جي وارثن احتجاج ڪندي جوابدارن پاران ناري کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جون دانهون ڪيون آهن.

ميرپورخاص جي علائقي مير محمد ڪالوني ڀٽي هوٽل جي رهواسڻ مسمات زليخان لغاري سندس  نابين پيرسن مڙس علي نواز لغاري  پنهنجي ٻن ڏهوٽن سان گڏ احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته  3سال اڳ هو ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۾قاضي فاروق وٽ هارپو ڪندا هئا، جتان هن جي ڌيءُ ياسمين  کي جوابدار ورغلائي اغوا ڪر ي ويا .

علي نواز لغاري چيو ته پنهنجي نياڻي جي آزاديءِ لاءِ هو ٽنڊو باگو بدين پوليس وٽ  به ويا، جڏهن ته هن  عدالت سڳوري کي به اپيل ڪئي  پر جوابدار کين ڌمڪيون ڏيندا رهيا.

سندس چوڻ هو ته نياڻي کيس فون ڪري چيو هو ته جوابدار حنيف ولد شفيع محمد زبردستي نڪاح مٿان نڪاح ڪيو آهي ۽ هن تي  تشدد پڻ ڪيو پيو وڃي.

پيرسن ٻڌايو ته هن جي ڌي کي  تشدد جو نشانو بڻائي ايل ايم سي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ا ها26 آگسٽ تي فوت ٿي وئي .

هن  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين ايس ايڇ او ٽنڊو باگو کي  درخواقست موڪلي ڌي جي خون سان انصاف جي اپيل پڻ ڪئي آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے