25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اپوزيشن جو اتحاد نه پر رڳو هڪ بندوبست آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اپوزيشن اتحاد کي رد ڪندي چيو آهي ته مخالف پارٽين جو اتحاد نه پر رڳو هڪ بندوبست آهي. اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي واضح لفظن ۾ اپوزيشن اتحاد کي رد ڪندي چيو ته اپوزيشن جو ڪو باقاعدي اتحاد ناهي پر اهو رڳو هڪ بندوبست آهي. قمر زمان ڪائرا چيو ته اسان عمران خان جو دائرو تنگ ڪرڻ نٿا چاهيون، ذميوار اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنداسين، حڪومت کي غلط پاليسين کان روڪينداسين ۽ سٺن ڪمن لاءِ چونداسين، مولانا فضل الرحمان کي گذارش ڪئي هئي ته هو اعتزاز احسن جي نالي تي راضي ٿي وڃي پر هو پاڻ اميدوار بڻجي ويو. هن چيو ته سڀ پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف گڏ ٿيون هيون، ان کي اهڙي ريت نه پيش ڪيو وڃي ته اسان اتحاد جوڙيو هو، جنهن کي ٽوڙيو ويو پر اپوزيشن کي متحد ڪرڻ ۾ نه اڳ ڪا ڪسر ڇڏي هئي ۽ هاڻ ڇڏينداسين، اعتزاز احسن کي اميدوار بڻائڻ پ پ جو پنهنجو فيصلو هو، ڪوشش هئي ته اپوزيشن جو گڏيل اميدوار اچي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري جو 2008ع کان وٺي زرداري گروپ سان ڪو واسطو ناهي، صدر بڻجڻ کانپوءِ هن پاڻ کي ڪمپني کان ڌار ڪري ڇڏيو هو، نه اڳ ڪڏهن عدالتن مان ڀَڳا آهيون ۽ نه اڳتي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، فريال ٽالپر ڪمپني جي سمورن معاملن جي نگران آهي، ان ڪيس ۾ ٻئي اڳواڻ جوابدار نه پر شاهد آهن، ماضي ۾ به اسان خلاف دٻاءَ جا مختلف طريقا استعمال ڪيا ويا. قمر زمان ڪائرا چيو ته پيشي دوران آصف زرداري کان ڪو سوال نه ڪيو ويو، فاروق ايڇ نائيڪ ايف آءِ اي آفيسرن کي چيو ته سوال لکي ڏيو، ايف آءِ اي اڃا تائين سوال نامو ناهي ڏنو، ميڊيا ۾ ڳڻتي جوڳيون خبرون هلي رهيون آهن ۽ سوال جاري ڪيا پيا وڃن، چيف جسٽس ڪوڙين خبرن جو نوٽيس وٺي ۽ ايف آءِ اي ان جي وضاحت ڪري. ان موقعي تي چوڌري منظور جو چوڻ هو ته ن ليگ پ پ جي مجبورين جو تاثر ڏئي رهي آهي، بينظير ۽ آصف زرداري خلاف سمورا ڪيس نواز شريف ڪيا، اڄ به آصف زرداري 2014ع ۽ 2015ع جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان تي گهڙي گهڙي مجبورين ۽ دٻاءَ جي ٺٺول نه ڪئي وڃي، اسان معاهدا ڪري ٻاهر ناهيون ويندا، هي اپوزيشن پارٽين جو اتحاد نه پر رڳو هڪ بندوبست آهي، سڀني جو منشور پنهنجو پنهنجو آهي ۽ ڪير به هڪٻئي جو منشور مڃڻ لاءِ تيار ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے