22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ميانمار فوج روهنگيا آبادي خلاف ڏوهه قبول ڪيا آهن: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته ميانمار جي فوج روهنگيا آبادي خلاف عالمي قانون جي نظر ۾ جنگي ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي. ان عالمي اداري جي جاچ مشن پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته راکين رياست ۾ فوج هزارين روهنگيا مسلمانن کي علائقو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، اهي قدم جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي زمري ۾ اچن ٿا. ان آزاد ڪميشن موجب ميانمار فوج وٽ عورتن ۽ ٻارن کي استحصال ۽ ٻهراڙيون ساڙڻ جو ڪو حق نه هو. ان رپورٽ ۾ سلامتي ڪائونسل کان ميانمار جي اعليٰ فوجي قيادت خلاف ڪيس هلائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے