22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

حنيف گل جي موڪل جي درخواست ملي ته قانون تحت ڪارروائي ٿيندي: ريلوي چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي جي چيئرمين جاويد انور چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي چيف ڪمرشل مئنيجر حنيف گل طرفان موڪل جي درخواست ملي ته قانون تحت ڪارروائي ٿيندي. گذريل ڏينهن چيف ڪمرشل مئنيجر حنيف گل ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد تي ناروا ورتاءَ جو الزام هڻندي ٻن سالن لاءِ موڪل جي درخواست ڪئي هئي. اعليٰ آفيسر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ريلوي واري وزير جو رويو نان پروفيشنل ۽ غير مهذب آهي، تنهن ڪري ان جي ماتحت ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي. درخواست ۾ لکيل هو ته وفاقي وزير پنهنجي نظريي موجب ٽيم ٺاهڻ جو مجاز آهي، تنهن ڪري مون ٻه سال رخصت ڏني وڃي. هوڏانهن ريلوي چيئرمين جاويد انور چيو آهي ته موڪل وٺڻ هر سرڪاري ملازم جو بنيادي حق آهي ۽ حنيف گل جي موڪل جي درخواست ملي ته قانون تحت ڪارروائي ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے