23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: چمبڙ: واپاري ايسوسيئيشن جي چونڊ، طاهر حسين کي صدر چونڊيو ويو

Chamber: Trade Association was elected President Tahir Hussain*چمبڙ واپاري ايسوسيئيش  جي سالياني چونڊ ۾ طاهر حسين کي صدر چونڊيو  ويو آهي .

 جنرل باڊي جي ڪوٺايل اجلاس  ۾  سال19- 2018— جون  چونڊون ٿي گذريون.

واپاري ايسوسيئيشن  جي سالياني چونڊ  جو  اجلاس اڳوڻي صدر عنايت شاھ جي صدارت  هيٺ ٿي گذريو.

 اجلاس ۾ صدر طاھر حسين صديقي کي صدر چونڊيو ويو ، اجلاس ۾ شھر جي وڏن توڙي ننڍن   واپارين  توڙي  دوڪاندارن وڏي انگ م شرڪت ڪئي.

 اجلاس ۾ نوان عھديدار چونڊيا ويا، سرپرست اعلي حاجي غلام حسين سومرو،صدر طاھر حسين صديقي، جنرل سيڪٽري سليم قريشي ، سينئر صدر ارشد ڪمبوھ،  سينئر نائب صدر پريم ڪمار ڪوھستاني،  سينئر نائب صدر ناصر علي قادري، سميت 15 ڄڻن جي نئي باڊي چونڊي وئي.

 واپارين جي چونڊيل نئين صدر طاھر حسين صديقي ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته هو شھر جي واپارين جو ٿورائتو آھي، جن هن کي چونڊيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghotki

نيوز | گهوٽڪي :  بااثر ليز جو بهانو ڪري تيرنهن گهرڊاهي پٽ ڪرڻ بعد  گهرن کي باهه  ڏئي ڇڏي

گهوٽڪي ويجهو عادلپور جي ٻٽاڻي پاڙي  جي زمين تي بااثر ليز جو بهانو ڪري ٽائون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے