20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو ڄام : ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي

Tando Jam: Kochi motorcycle hit, one shot dead, including 2 women injured*ٽنڊي ڄام ۾ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب بيٺل رڪشائن کي به نقصان پهتو.

حيدرآباد-ميرپورخاص ڊيول ڪوريج روڊ تي زرعي يونيورسٽي جي انٽري گيٽ وٽ مسافر ڪوچ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد بي قابو ٿي ٻن رڪشائن سان به ٽڪرائجي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾موٽرسائيڪل تي سوار ماءُ ۽ پٽ مان 12 ڪلاس جو شاگرد شعبان جسڪاڻي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس والده سخت زخمي ٿي پئي.

عورت کي فوري طور سول اسپتال حيدرآباد روانه ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

حادثي بعد حادثي جو شڪار ڪوچ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته حادثي جو شڪار ڪوچ موٽرسائيڪل ۽ رڪشائن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

فوتي نوجوان جو لاش اباڻي ڳوٺ پهچايو ويو، جتي لاش پهچڻ سان ڪهرام مچي ويو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے