22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: بدين : پورھيت جي ٻارڙي جي رت جي ٽيسٽ جي ٻن ليبارٽرين پاران الڳ الڳ رپورٽ جاري

Badin: A separate report released by two laboratories of pediatric childhood test*بدين ويجهو  پورھيت جي ٻارڙي صاحبه ڀٽي جي رت جي ٽيسٽ جي رپورٽ ٻن ليبارٽرين پاران الڳ الڳ جاري ڪري ڇڏي آهي.

 چڪ نمبر 24 جي رھواسي  پورھيت آصف پنھنجي معصوم ٻارڙي صاحبه کي بدين جي ھڪ نجي اسپتال جي ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ کڻي آيو .

ٻارڙي جو رت ڊائيگنوز ريسرج ليبارٽي ڄامشورو جي برانچ بدين ٻارڙي جي رت جي رپورٽ Aبازيٽو ڏني جنھن بعد ٻارڙي کي وارث ٿيلسيمان ڪيئر سينٽر بدين کڻائي ويا جتي ٻارڙي جي رت جي ٻيھر ٽيسٽ ٿي ته رت جو گروپ 0  نگيٽو آيو.

  ٻارڙي جي چاچي علي اڪبر ڀٽي سڪندر ڀٽي چيو ته ٻارڙي جي حالت انتھائي خراب آھي پر ليباريٽري رپورٽن وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آھي.

ھنن چيو ته بدين صحت کاتو معاملي جو نوٽيس وٺي غلط رپورٽ ڏيندڙ ليبارٽري خلاف ڪارروائي ڪري جيئن ڪا به قيمتي جان غلط رپورٽ سبب ضايع نه ٿي سگھي

ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين ڊاڪٽر محبوب علي خواجا  جو چوڻ آهي ته ليبارٽري عملي کان غلطي ٿي آھي ٻارڙي جو سيمپل تبديل ٿيئڻ سبب ائين ٿيو آھي.

هن چيو ته  انڊس بدين مان وارث رت جي ٽيسٽ ڪرائين پر جي ھو درخواست ڏين ته  معاملي جي جاچ ڪرائي غلط رپورٽ ڏيندڙ ليبارٽري خلاف  ڪاروائي ڪنداسين…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے