21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد : حسين آباد ۽ پٺاڻ ڳوٺ جي رهواسين جوگهر  ڊاهڻ خلاف احتجاج

Hyderabad: protests against Jagir leaders living in Hussainabad and Peshdesh village*حيدرآباد ۾حسين آباد جي علائقي اوڀايو شاهه ڪالوني ۽ پٺاڻ ڳوٺ جي رهواسين سندن گهر  ڊاهڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو .

 متاثرن مٺو سولنگي. غلام حسين ملاح شفن سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 هنن  چيو ته پٺاڻ ڪالوني ۽ اوڀايو شاهه ڪالوني جي ڀر پاسي ۾  هزارين ماڻهو ڪيترن ئي سالن کان آباد آهن، جن کي انتظاميا  فلٽر پلانٽ جي آڙ وٺي  ناجائز نموني سندن  گهر  ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته فلٽر پلانٽ ضرور تيار ٿئي ۽ ماڻهن کي صاف پاڻي ملي پر انتظاميا ان منصوبي کي تڪراري بڻائي پئسا هڙپ ڪرڻ لاءِ غريب ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي.

هنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جن غريبن کي بي گهر ڪيو ويو آهي انهن کي گهر ٺاهي ڏنا وڃن ۽ وڌيڪ گهر ڊاهڻ بند ڪيا وڃن…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے