19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: دولتپورصفن : گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر خلاف پي ٽي آءِ جو ڌرڻو

Dolatpur safan: Protest by PTI workers on load shedding of gas*دولت پور صفن  ۾ گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر خلاف پي ٽي آءِ  جي سوين ڪارڪنن ۽ شهرين مين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي رود بند ڪري ڇڏيو.

شهرين ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڊاڪٽر عبدالوحيد انڙ،  خادم حسين انڙ،  َمختيار  انڙ ، جهانگير جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گيس عملدارن جي ملي ڀڳت سبب ڪيترن سالن کان دولت پور شهر ۾ هٿرادو گيس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

 هنن چيو ته صبح ۽ شام جو گيس آهي ئي  ڪون جنهن سبب اسان جا ٻچا بکيا اسڪول وڃن ٿا. جڏھن ته  سرڪاري ملازم آفيسن ڏانھن ۽ پورهيت پڻ خالي پيٽ مزدوري تي وڃن ٿا.

هنن چيو ته جنهن مزدور جي مزدوري 400 روپيا آهي اهو 450 روپيا مڻ ڪاٺيون وٺي يا ٻچن لاءِ اٽو ۽ ٻيو گھريلو سامان خريد ڪري.

 هنن وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته دولت پور ۾ گيس  جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي ھتان جي رھواسين کي گئس لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر واري عذاب کان نجات ڏياري وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے