21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سنڌ سرڪار لاءِ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت

مراد پندراڻي

ڪو وقت هو جو پاڪستان پيپلزپارٽي چئن صوبن کان علاوه گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير اندر به اڪثريت ماڻي ڪري حڪومت ۾ هوندي هئي ۽ پوري ملڪ اندر هن پارٽي جي هاڪ هوندي هئي، پر محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڄڻ ته هن پارٽي کي ڪو منظم ۽ سياسي طور تي سگهاري انداز ۾ فيصلا ڪرڻ وارو اڳواڻ به نه ملي سگهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو چونڊون وڙهي ڪري پارلياماني سياست جو حصو بڻيو آهي تنهن ڪري ان کي هن پارٽي اندر اڀرندڙ سياسي اڳواڻ چئي سگهجي ٿو ۽ هاڻي اهو ڏسڻو پوندو ته هن ڀيري واري سنڌ جي صوبائي حڪومت ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي واري پيپلزپارٽي جي بدتر حڪمراني کي ڪيتري حد تائين بهتر حڪمراني ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، انهي لاءِ بلاول ڀٽي کي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعاتي اننگز ۾ ڏکيائيون ضرور پيش اينديون پر جيڪڏهن هو دٻاءُ کان نڪري ڪري فيصلا ڪندو ۽ پارٽي اندر موجود اهل ۽ تجريڪار سياسي اڳواڻن کي صوبائي ڪابينا توڙي مشيرن واري ذميواري ڏيندو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ ان لاءِ سياسي مستقبل جڙي سگهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري کي سڀني کاتن جي وزيرن توڙي مشيرن کي ذميواري ملڻ شرط ئي هڪ ٽاسڪ ڏيڻ گهرجي ۽ انهي ٽاسڪ مطابق جيڪو به ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ان کي تبديل ڪري وري ان جي جاءِ تي ٻئي ڪنهن اهل ماڻهو کي ذميواري ڏني وڃي، تنهن کانپوءِ ئي شايد سنڌ اندر بهتر حڪمراني ممڪن بڻجي سگهي.

جڏهن کان سنڌ اسمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کنيو آهي ته ان ڏينهن کان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت مسلسل انهي ٻڏتر جو شڪار آهي ته صوبائي ڪابينا ۾ ڪنهن کي شامل ڪري ڪنهن کي نظرانداز ڪجي، باوجود انهي جي ته گذريل ڀيري کان به وڌيڪ اڪثريت ماڻيندڙ هن پارٽي جي قيادت لاءِ ڪابينا جوڙڻ تمام وڏي چئلنج بڻجي ويو آهي، شروعاتي طور تي 8 وزيرن ۽ 2 مشيرن ته قسم کنيو آهي پر ٻئي مرحلي ۾ ڪافي ناراض توڙي فرمائش ڪندڙ صوبائي ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ جوڙجڪ اڃا تائين جاري آهي، هاڻي ڏسجي ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ پيپلزپارٽي قيادت ڪنهن کي راضي ڪري ڪنهن  کي ناراض ڪندي ۽ انهي کانپوءِ پيپلزپارٽي انهي پوزيشن ۾ اچي ويندي جو بهتر حڪمراني لاءِ ڪا اڳڀرائي ممڪن بڻجي سگهي، پيپلزپارٽي قيادت کي بجاءِ فرمائشي انداز ۾ ڪابينا ۾ ميرٽ جي بنياد تي پورو لهندڙن کي اوليت ڏيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي عوام کي ڪجهه ته رليف ملي سگهي.

چونڊن کان اڳ روايتي انداز ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جيان بلاول ڀٽو زرداري کي به اهو موقعو مليو ته هو پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ آخر ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ڪري پنهنجي پارٽي جو منشور بيان ڪري سگهي، بلاول ڀٽو ڪراچي کان وٺي ڪمون شهيد ۽ ٿرپارڪر کان وٺي شهدادڪوٽ تائين وڏي ٽرالي وسيلي چونڊ مهم جو حصو رهيو ۽ انهي سفر دوران پارٽي جي مقامي توڙي مرڪزي قيادت ساڻس گڏ هئي، بلاول ڀٽو سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي رستي ۾ ايندڙ ڳوٺن جو به پهريون ڀيرون پنهنجي اکين سان نظارو ڪندو رهيو تنهن ڪري هاڻي پوري سنڌ بلاول ڀٽي کان لڪيل ناهي رهي ته سنڌ جا روڊ رستا توڙي شهرن جي حالت ڇا آهي.! هن کي مون پنهنجي ننڍڙي عمارا سان گڏ شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ وٽ پهچندي بجلي جي هيٺ لڙڪيل تارن مان کيس سيڪورٽي اهلڪارن پاران بچائيندي به ڏٺو ته ڳڙهي خيري لاءِ سندس رواني ٿيندڙ ريلي کي ٽٽل روڊن تان گذرندي به پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، اهڙا منظر ته هو سنڌ جي هر شهر ۽ گهٽي ۾ پنهنجي اکين سان پساري چڪو هوندو ته پوءِ ڇا بلاول ڀٽو کي سنڌ جي ان ننڌڙڪائپ ۽ بي يارو مددگار واري حالت تي ٿوري حد تائين رحم ايندو ۽ جيڪڏهن هو پاڻ حقيقت ۾ سنجيدگي ڏيکاري به سهي ته هيٺين سطح تي ان سنجيدگي جي نتيجي ۾ ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندي هو ڪيئن مانيٽر ڪندو.! اڄوڪو دور سوشل ميڊيائي آهي ۽ بلاول ڀٽو پاڻ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سوشل ميڊيا کي استعمال ڪندو رهي ٿو، انهي لاءِ عملي طور تي هن کي ته ٽيم ضرور جوڙڻ گهرجي جيڪا ٽيم پوري سنڌ اندر ترقياتي ڪمن توڙي صحت، تعليم ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ وارن مسئلن کي ڏسي ۽ انهن جي ازالي لاءِ اپاءُ وٺي. ان حوالي سان پنهنجي ٽيم کان هر 3 يا وڌ ۾ وڌ 6 مهينن تي رپورٽ وٺڻ گهرجي انهي رپورٽ جي روشني ۾ نئين سر حڪمت عملي ترتيب ڏين گهرجي، پر ان سان گڏوگڏ سنڌ جي حقيقي مسئلن کي اڄاگر ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي به هڪ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي ۽ فيس بڪ، ٽويٽر توڙي واٽس اپ وسيلي ماڻهو پنهنجا جائز مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي کي پڻ سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي عام ماڻهن تائين پهچايو وڃي.

گذريل 10 سالن کان سنڌ اندر صوبائي حڪومت پيپلزپارٽي وٽ آهي ۽ جيڪڏهن اهي چاهين ها ته سنڌ جا ڪيترا ئي مسئلا حل ٿي سگهن پيا، خاص طور تي تعليم، صحت، زراعت لاءِ پاڻي جي کوٽ، بيروزگار جي خاتمي لاءِ اڳڀرائي، پوليس اندر بهتري، 2010 واري مها ٻوڏ جي نتيجي ۾ اتر سنڌ جي ڪجهه ضلعن جهڙوڪ ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر_شهدادڪوٽ دادو جا لنڪ روڊ مڪمل طور تي تباهه چڪا هئا ۽ ماڻهن کي شهرن تائين پهچندي تمام گهڻي تڪليف مان گذرڻو پوي ٿو، ڳوٺن ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهوند سبب ڪوبه ماڻهو بيمار ٿي پوي ٿو ته ٽٽل روڊ رستن سبب هو رستي ۾ ئي حياتي وڃائي ويهي ٿو، هارين توڙي آبادگارن کي هر سال اگهن جي مد ۾ ڪروڙين جو نقصان ٿئي ٿو، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي حالت اها آهي جو ڪجهه بااثرن جي هڪ هٽي سبب شهدادڪوٽ جهڙي شهر جي عوام کي ضلعي هيڊڪوارٽر قمبر تائين پهچڻ لاءِ لاڙڪاڻي واري ويگن ۾ ڊبل ڪرايو ڀري ڪري پهچڻو پوي ٿو، ان قسم جا ڪيترا ئي ننڍا وڏا مسئلا آهن جي حل طلب آهن ۽ اهي مسئلا ڌيان جا گهرجائو آهن، بهتر حڪمراني لاءِ جيڪڏهن ٿورڙي حد تائين سنجيدگي سان اڳڀرائي ٿئي ته سنڌ جا ڪيترا ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پارلياماني سياست اندر قدم رکڻ بعد سياسي طور تي اڀرندڙ اڳواڻ طور فيصلا وٺڻ گهرجن ۽ پنهنجي پارٽي جي گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين کي لڪائڻ بدران انهن تي عملي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾سنڌ اندر پيپلزپارٽي جي حڪمراني ڏانهن کڄندڙ آڱر وڌيڪ اڀا ٿيڻ بدران هيٺ ٿين، ان لاءِ پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کي هاڻي پنهنجي رويي کي بدلائڻو پوندو ۽ سنڌ جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن هن ڀيري به پيپلزپارٽي قيادت روايتي انداز ۾ ناڪام حڪمراني واري رجحان مان نڪري سگهيو ته پوءِ هو تمام گهڻي ڏکيائين ۽ عوامي ردعمل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے