25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي اسڪولن ۾ اجرڪ جو يونيفارم: هڪ تاريخي ڪَمُ

سارنگ پيرزادو

اسان جي ڌرتي سنڌ جيڪو صدين جو سفر طئي ڪيو آهي ان ۾ سنڌ کي گهڻيون ئي نعمتون مليون آهن جن مان هڪ سنڌ جي ثقافت به آهي اسين ثقافت جي ميدان ۾ وڏا امير آهيون ڇو ته اسان وٽ ريتن رسمن سهرن ڳيچن سان گڏ ڪجھه ثقافتي هنر به آهن، جيڪي سنڌ کي دنيا ۾ نمايان ٿا ڪن جيئن ڪاشي جو ڪم ٿيو يا سنڌ جي چني ۽ اجرڪ  اهي اهڙيون شيون آهن، جيڪي دنيا ۾ سنڌ جي نالي سان منسوب آهن جت به اوهان کي انهن مان ڪا هڪ شئي نظر ايندي ته اوهان جو خيال اهو ئي هوندو ته هي سنڌ مان آئي آهي، پر اگر اسين ايئن چئون ته سنڌ سان گڏوگڏ اهي سڀ اسان جا ثقافتي هنر پاڪستان جي به نمائندگي ڪن پيا ته ان ۾ ڪو به وڌاءَ نه هوندو ڇو ته اتفاق سان اهي سڀ هنر سنڌ جي جن علائقن ۾ ٿين ٿا اهي سڀ پاڪستان جي اندر آهن مطلب جي اسين هنن سڀني ثقافتي ورثن کي تعصب پرستي واري نگاھ کان آجا ٿي ڪري ڏسون ته هي سڀ ته پاڪستان جا ثقافتي اهڃاڻ آهن مثال طور اگر جي اوهان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ويٺا هجو ۽ اتي اوهان جي آڏو برٿ ڀريل، وڳو اچي ته اوهان کي ڇا پنهنجو ملڪ ياد نه ايندو، اوهان آڏو اجرڪ اچي ته ڇا اوهان کي پنهنجو ملڪ ياد نه ايندو، ان جو مطلب اهو آهي ته اهي سڀ ورثا صرف سنڌ جي نه پر پاڪستان جي عڪاسي ڪن ٿا.

هتان جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻي کي اجاگر ڪن ٿا، پر جي انهن کي تعصب جي نظر سان ڏسبو ته انهن سڀين مان پنهجائپ نه پر ويڳاڻپ نظر ايندي. سنڌ سرڪار جڏهن اعلان ڪيو ته سرڪاري اسڪولن جي يونيفارم ۾ اجرڪ لازمي قرار ڏنو ويندو ته ڪجهھ ماڻهن جي ايتري مخالفت ٿي جو لڳو پئي ته اسين اڄ به هڪ ٻئي کان ڪيترو پري بيٺا آهيون ۽ صرف ان اجرڪ جي مخالفت ۾ اهڙا بيان سوشل ميڊيا تي هليا جن کي پڙهي ڪري اسان جا سالن جا پختا خيال به ٽٽڻ لڳا، مثال طور هڪ اهو بيان هليو پئي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي وڏيرن هتان هندن ۽ سکن کي ڀڄائي ڪڍيو جن هندوستان ۾ مسلمانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ان بعد هندوستان جي اردو ڳالهائيندڙ  مسلمان نه چاهيندي به پاڪستان وڃڻ تي مجبور ٿيا هاڻ ٿورو سوچيو ته اسين ستر سالن کان اهو ٻڌندا پيا اچون ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ اردو آبادي جون وڏيون قربانيون آهن جن پنهنجا گهر تڙ صرف ان ڪري ڇڏي ڏنا ته هو پاڪستان جي اسلامي فضا ۾ ساھ کڻڻ پيا چاهين ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن هو پنهنجي ٺاهيل ملڪ طرف وڃڻ پيا چاهين ته هندن ۽ سکن انهن تي وڏا ظلم ڪيا ته جيئن هو پاڪستان نه پهچي سگهن پر لڳي ٿو اسان جا اهي سڀ خيال صرف خيال ئي هئا ڇو ته مٿي لکيل بيان مان اهو صاف ظاهر ٿو ٿئي ته اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن پاڪستان اچڻ ئي نه ٿي چاهيو جي انهن کي هتان اوڏانهن ويل هندو ۽ سک تنگ نه ڪن ها، هو اتي سکيا ويٺا هئا انهن کي ڪو به ٻيو ملڪ نه پيو گهرجي  صرف اجرڪ جي مخالفت ۾ اسان جا ڀائر ايترو اڳتي نڪري ويا آهن جو پنهنجا پول پيا پڌرا پيا ڪن، جڏهن ته اجرڪ هن وقت سندن جي به سڃاڻپ آهي.

هڪ ته پاڻ سنڌ ۾ رهن ٿا ان لحاظ کان به ٻيو وري جيئن آءُ اڳ ۾ به چيو ته اجرڪ ته سڄي پاڪستان جي نمائندگي ٿو ڪري ان طرح به سندن سڃاڻپ آهي، ان سان گڏاسان جا ڪجھه سنڌي ڳلهائيندڙ ڀائر به هن معاملي کي چڱي ريت سمجهي نه سگهيا آهن پر ان تي بحث پيا ڪن جيئن ته اهو عام تاثر ڏنو پيو وڃي ته اجرڪ جو يونيفارم ڪرڻ سان تعليم نه سڌرندي ته آءَ ايترو چوندس ته اجرڪ سان واقعي تعليم نه سڌرندي ۽ اهو هڪ وڏو مسئلو آهي ته اسان جو تعليم کاتو تعليم جي تباهي جو ذميوار آهي، ۽ ان ڳالھه تي هنن لاءِ ڪا به نرمي نه آهي، نه ئي اسين اهو چئون ٿا ته اجرڪ شامل ڪرڻ کان بعد سنڌ جي تعليم کاتي جا سڀ ڏوھ معاف ٿي ويندا پر هي اجرڪ يونيفارم ۾ شامل ٿيڻ  يا نه ٿيڻ تعليمي نه پر ثقافتي مسئلو آهي، جي اجرڪ يونيفارم ۾ شامل ٿئي ٿو ته ان سان اسان جي ثقافت کي هٿي ملندي، اسان جي ثقافتي صنعت کي به هٿي ملندي جيڪا شايد سنڌ جي غريب عوام لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندي ڇو ته سنڌ جون ثقافتي صنعتون بند پيون ٿين ماڻهن ۾ ثقافتي ورثن سان چاھ گهٽبو پيو وڃي ۽ اسان جو ثقافت کاتو ان طرف ڌيان ڏيڻ بجاءِ صرف ميلا ملاکڙا ڪرائڻ کي ئي  ثقافت جي بقا ٿو سمجهي جڏهن ته ان کاتي جي اها ذميواري آهي ته اسان جي هِنَنِ ثقافتي هنرن کي سانڍي محفوظ ڪري ۽ اهڙن ماڻهن کي  ڪي اهڙا پليٽفارم  جوڙي ڏي جت هنن جا اهي هنر هنن کي زندگي گذارڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين بلڪل اهڙي طرح جي اجرڪ يونيفارم ۾ شامل ٿئي ٿو ته اسان جي انهن غريب ماڻهن جي زندگين ۾ به ڪجھه تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان سان گڏ اسان جي ثقافت کي اهميت ملندي ۽ اسان جي اسڪولن اندر به سنڌ جي واضح نمائندگي نظر ايندي. مان سمجهان ٿو ته نه صرف سنڌ کي پر هر صوبي کي پنهنجي اسڪولن جي يونيفارم ۾ ڪو نه ڪو ثقافتي رنگ شامل ڪرڻ گهرجي، اها ڳالھه صرف صوبن لاءِ نه پر پاڪستان جي لاءِ ڏاڍي اهميت جي حامل آهي ته اسان وٽ ان طرح پنهنجي ڪلچر کي پسند ڪيو وڃي ٿو.

اسين هر جاءِ تي پنهنجي ثقافت کي نه ٿا وساريون ۽ جيڪڏهن ان ڏس ۾ اڳڀرائي سنڌ ڪري ٿي ته اها اسان لاءِ فخر جي ڳالھه هجڻ گهرجي ۽ ان عمل کي تعليم جي تباهي سان ڳنڍڻ جو مطلب اهو آهي ته اوهان به پنهنجي ثقافتي اهڃاڻ اجرڪ کي ڏسڻ پسند نه ٿا ڪيو يونيفارم اندر پر اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته اسان جي سنڌ سرڪار اهو اعلان ته ڪيو آهي پر ڇا ان کي پورو به ڪري ٿي يا اهو اعلان به هنن جي اليڪشن مهم جو فقط هڪ حصو هيو ڇو ته اسان جون اليڪشني پارٽيون اليڪشن جي وقت سنڌ ۽ سنڌين سان ايتري محبت ڪنديون آهن ڄڻ انهن جي زندگي جو مقصد ئي سنڌ هجي پر اليڪشن ٿي وڃڻ بعد کانئن واعدو وسري ويندا آهن ۽ غريب عوام وري پنج سال رلندو رهندو آهي، سنڌ جا مسئلا جيئن جو تيئن برقرار رهندا آهن، اسين التجا ٿا ڪريون سنڌ جي تعليم کاتي کان به ته جيترو جلد ٿي سگهي ان تي عمل ڪيو، جيڪڏهن اوهين اهو ڪري ٿا وڃو ته هي تاريخي ڪم هوندو جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے