22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: کپرو : پوليس جي ڪارروائي،  180 ليٽر  شراب  هٿ،  جوابدار گرفتار

Khipro: Police work, 180 liters of liquor, arrested suspects*کپرو پوليس ڪاروائي ڪندي  180 ليٽر  شراب  هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو .

پوليس مورهڏي روڊ  تي  ڇاپو هڻي چيتن اوڏ  کي گرفتار ڪري 60 ليٽر پڪو ۽120 ليٽر ڪچو  شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.

پوليس  چيتن اوڏ، قادو اوڏ  ۽ انو اوڏ تي  ڪيس داخل ڪري ورتو آهي .

 ايس ايڇ او کپرو محمد علي زرداري  ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس  ٺري ميرواهه   جي بٺي تي ڇاپو هڻي چيتن اوڏ کي گرفتار ڪيو  آهي ، جڏهن ان جا

ٻه  ساٿي  قادو ۽ انو اوڏ فرار ٿي ويا آهن، جن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

کپرو پوليس ٻي ڪارروائي ۾   وڏي آواز ۾ ٽيپ وڄائڻ تي سائونڊ ايڪٽ تحت ڊرائيور راشد جٽ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل  ڪيو آهي …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے