24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: گمبٽ : مبينا مقابلي ۾زخمي نوجوان جي وارثن پاران پوليس خلاف ڌرڻو

Gambat: Heritage against the police against the target against the police*گمبٽ ۾ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ زخمي نوجوان جي وارثن پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو ويو.

پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان غلام مرتضيٰ راجا عالماڻي جي وارثن شهبان عالماڻي، عبدالرزاق،فيض محمد ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

زخمي نوجوان جي وارثن الزام مڙهيو ته پوليس عيد کان هڪ ڏينهن اڳ نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ايس ايڇ او گمبٽ  نوجوان جي  آزادي لاءِ هڪ لک روپيا رشوت گهري هئي جيڪا نه ڏيڻ تان ان کي هاف فراءِ ڪيو ويو.

هنن چيو ته معاملي بابت اي ايس پي گمبٽ کي پڻ آگاھ ڪيو هو پر ان باوجود  نوجوان  کي جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪيو ويو .

هنن آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو  ته پوليس جي جڙتو مقابلي جو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے