26 اربع , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف 23 رڪني پنجاب ڪابينا جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پنجاب جي 23 رڪني ڪابينا جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ پنجاب ڪابينا جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سميت ٻين شرڪت ڪئي. وزارتون ڏيڻ کان اڳ وزيراعظم امڪاني وزيرن کان انفرادي طور انٽرويوز ورتا ۽ انٽرويوز ۾ شارٽ لسٽ ميمبرن کي قلم دان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. عثمان بوزدار ۽ ايم پي اي عبدالعليم خان وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري پنجاب ڪابينا جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو، جنهن کانپوءِ وزيرن جي نالن ۽ وزارتن جو فيصلو ڪيو ويو. تحريڪ انصاف 23 رڪني پنجاب ڪابينا جو اعلان ڪيو آهي. ملڪ محمد انور، چوڌري ظهير الدين ۽ هاشم ڊوگر کي به پنجاب ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. راجا راشد حفيظ کي روينيو جي وزارت ڏني وئي آهي، جڏهن ته عليم خان پنجاب جو سينيئر وزير هوندو، کيس لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ جو قلمدان ڏنو ويو آهي، راجا بشارت کي قانون ۽ پارلياماني معاملن جو وزير بڻايو ويو آهي. ملڪ نعمان لنگڙيال ۽ حسنين دريشڪ به پنجاب ڪابينا ۾ شامل آهن، ان سان گڏوگڏ ميان اسلم اقبال کي انڊسٽريز، ڪامرس اينڊ انويسٽمينٽ، ياسر همايون سرفراز کي هائير ايجوڪيشن ۽ ٽورزم ڊپارٽمينٽ، ميان محمود الرشيد کي هائوسنگ، اربن ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو قلمدان ڏنو ويو آهي. محمد سبطين، سردار آصف نڪئي ۽ حافظ عمار ياسر کي به پنجاب ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، فيض الحسن چوهان کي سڌ سماءَ ۽ ڪلچر بابت وزير مقرر ڪيو ويو آهي. سميع الله چوڌري کي خوراڪ بابت وزير، مخدوم هاشم بخت کي پنجاب جو ناڻي وارو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ حافظ ممتاز احمد کي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جو قلمدان ڏنو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Final: Final today with green shirtscontesting Bengali tigers

فائينل کان اڳ فائينل: گرين شرٽس جو اڄ بنگالي ٽائيگرن سان مقابلو

ابوظهبي( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ سپر فور مرحلي جي ڇهين ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے